اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي عدالت ۾ نمائندگي جو موقعو ڏئي ڇڏيو،  عدالت نيب ترميم ڪيس جي 31 آڪٽوبر واري ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان نيب ترميم ۾ مُک درخواستگذار آهي، جيڪڏهن پيش ٿيڻ چاهي ته اڊيالا جيل انتظاميا پاران انتظام ڪيا وڃن، سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين سميت سمورين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، عدالتي حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته حڪمنامي جي ڪاپي اڊيالا جيل ۾ موجود پي ٽي آءِ چيئرمين کي پهچائي وڃي، ڪيس جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ جي پريڪٽس اينڊ پروسيجر جي فيصلي سان مشروط آهي.