اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ نيب ترميمن خلاف عمران خان جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، چيف جسٽس پنهنجي رٽائرمينٽ کان اڳ فيصلو ٻڌائڻ جو اعلان ڪندي چيو ته شارٽ ۽ سوئيٽ فيصلو ٻڌائينداسين. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس سان گڏ جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منصور علي شاهه تي ٻڌل 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، اٽارني جنرل ٻاهرين ملڪ هجڻ ڪري ايڊيشنل اٽارني جنرل جواب جمع ڪرايو، چيف جسٽس پاڪستان پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل خواجه حارث سان مخاطب ٿيندي چيو ته ڇا اوهان نيب جي رپورٽ پڙهي آهي؟ نيب مئي تائين واپس ٿيندڙ ريفرنسز جو سبب ٻڌايو آهي، ريفرنس واپسي جي سببن مان اندازو ٿئي ٿو ته قانون جو جهڪاءُ ڪهڙي پاسي آهي، مئي تائين ڪهڙين شخصيتن جا ريفرنس واپس ٿيا سڀ رڪارڊ تي اچي چڪو آهي، نيب قانون جي سيڪشن 23 ۾ هڪ ترميم مئي ٻي جون ۾ ٿي، مئي کان پهريان واپس ٿيندڙ ريفرنس اڄ تائين وٽ ئي موجود آهن نيب پاران انهن سوالن جو جواب ڪير ڏيندو؟ چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا ترميمن ۾ ڪا اهڙي شق آهي جنهن تحت ڪيس ٻئي فورمز کي موڪليا وڃن؟ انهن ترميمن کانپوءِ نيب جو سمورو ڪم ختم ٿي ويو، وڪيل خواجه حارث چيو ته نيب وٽ ڪيس ٻين ادارن ڏانهن موڪلڻ جو ڪو به اختيار ناهي، جنهن تي جسٽس منصور علي رمارڪس ڏنا ته ائين ناهي ڪيس نيب کان ختم ڪري جوابدار گهر هليا وڃن، نيب جي دفتر ۾ قتل ٿيندو ته ڇا معاملو لاڳاپيل فورم تي نه ويندو؟ ڪيس ٻين فورمز تي موڪلڻ لاءِ قانون جي ضرورت ناهي جيڪي ڪيس ٺهي چڪا اهي ڪنهن فورم تي ته ويندا، جسٽس منصور چيو ته اعليٰ عدليه جي ججز کي نيب قانون ۾ ڇوٽ ناهي، آرٽيڪل 209 تحت صرف جج برطرف ٿي سگهي ٿو رڪوري ممڪن ناهي، چيف جسٽس چيو ته رياستي اثاثا ڪرپشن جي ور چڙهي وڃن اسمگلنگ يا سرمائي جي غيرقانوني منتقلي ٿئي ته ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، قانون ۾ انهن ڏوهن جي اثرائتي وضاحت نه هجڻ مايوس ڪندڙ آهي، عوام خوشحال ۽ محفوظ بڻائڻ رياست جي ذميواري آهي، ٻڌڻي دوران جسٽس منصور چيو ته فوجي آفيسرن کي نيب قانون کان ڇوٽ ڏني وئي، جنهن تي خواجه حارث چيو ته فوجي آفيسرن جي حوالي سان ترميم چيلينج ناهي ڪئي، فوجي آفيسرن خلاف آرمي ايڪٽ ۾ ڪرپشن تي سزائون موجود آهن، جسٽس منصور چيو ته سزائون ته سول آفيسرن ۽ عوامي عهديدارن خلاف به موجود آهن، ڇا ڪرپٽ آرمي آفيسر جو عوام سان سڌي ريت تعلق ناهي هوندو؟ آرمي آفيسر فوج کانسواءِ ڪنهن اداري جو سربراهه هجي ته نيب قانون جي پڪڙ ۾ ايندو آهي. جسٽس منصور سوال ڪيو ته ڇا سپريم ڪورٽ پارليامينٽ کي چئي سگهي ٿي ته اوهان چالاڪي ۽ بدنيتي تي ٻڌل قانون ٺاهيو؟ سپريم ڪورٽ وٽ جيڪڏهن پارليامينٽ جي قانونسازي ڇيڙڻ جو اختيار ناهي ته ان سان گڏ هلڻو پوندو، جنهن تي جسٽس اعجاز چيو ته پارليامينٽ کي سڀ ڪجهه ڪرڻ جي اجازت ناهي، پارليامينٽ ماضي کان لاڳو ٿيڻ جو قانون ٺاهي ڏوهه ختم نٿي ڪري سگهي، ائين ته 1985ع ۾ سزا ماڻيندڙ جوابدار اچي چوندو ته منهنجي سزا ناهي رهي ۽ ٻيهر ٽرائل ڪريو. چيف جسٽس چيو ته نيب قانون کي واضح هجڻ گهرجي ها، جڏهن قانون واضح نه هجي ته ان جو حل ڇا هوندو آهي؟ ڇا شڪي قانون قائم رهي سگهي ٿو؟ جنهن تي جسٽس منصور چيو ته چيف جسٽس جي سوال کي اڳتي وڌايان ته ڇا سپريم ڪورٽ قانون واپس پارليامينٽ موڪلي سگهي ٿي؟ چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته پارليامينٽ ته گهڻي سپريم آهي جيڪڏهن پارليامينٽ کي قانون تي ٻيهر غور جي درخواست ڪريون ته وچ واري وقت ۾ ڇا ٿيندو؟ جيڪڏهن عدالت کي قانون ۾ جهول ملي وڃي ته ڇا پارليامينٽ کي واپس موڪلجي؟ چيف جسٽس چيو ته ماضي کان سبق سکندي هاڻ سوموٽو نٿا وٺون، بعد ۾ درخواستگذار جي وڪيل خواجه حارث ۽ وفاق جي وڪيل مخدوم علي خان دليل مڪمل ڪري ورتا، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته نيب ترميم جو فيصلو جلد ٻڌائينداسين ۽ فيصلو ٻڌائڻ جي تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪنداسين، منهنجي رٽائرمينٽ ويجهو آهي ۽ رٽائرمينٽ کان اڳ فيصلو ٻڌائينداسين.