اسلام آباد  (بيورو رپورٽ)  نيب قانون ۾ ترميم خلاف عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان رمارڪس ڏنا آهن ته آمدني کان وڌيڪ اثاثا سموري دنيا ۾ ڏوهه سمجهيا ويندا آهن، عالمي معيار ۽ مقامي قانون کي نظر ۾ رکندي نيب قانون ۾ ترميمن جو جائزو وٺنداسين، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ايل اين جي معاهدي جون حقيقتون ڄاڻڻ بنا ئي ڪيس ٺاهيو ويو، ڪيترائي بيورو ڪريٽس جيل ڪاٽڻ بعد ريفرنس مان بري ٿي ويا، سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميمن خلاف عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عمران خان جي وڪيل خواجه حارث عدالت کي ٻڌايو ته ڪابينا ۽ ورڪنگ ڊولپمينٽ پارٽيز جي فيصلن کي به نيب جي دائري اختيار مان ڪڍيو ويو، نيب ترميمون ڪرپشن جي خاتمي واري عالمي ڪنوينشن جي به خلاف آهن جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ڪاميٽين ۽ ڪابينا ۾ فيصلا گڏيل ٿيندا آهن، گڏيل فيصلن تي ڇا سموري ڪابينا ۽ ڪاميٽين جي ميمبرن کي جوابدار تصور ڪيو ويندو، سموري ڪابينا يا ڪميٽي جوابدار تصور ٿيندي ته پوءِ فيصلا ڪير ڪندو؟ چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن هر ڪم پارليامينٽ ڪندي ته پوءِ فيصلا سازي سست رفتاري جو شڪار ٿي ويندي، عالمي معيار ۽ مقامي قانون کي نظر ۾ رکندي نيب قانون ۾ ترميمن جو جائزو وٺنداسين، جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏنا ته نيب کان بچي ويندڙ ڪنهن ٻئي قانون جي زد ۾ اچي سگهن ٿا؟ جنهن تي عمران خان جي وڪيل چيو ته اختيارن جي ناجائز استعمال لاءِ ڪو به قانون موجود ناهي، جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته نيب ترميمن سان منظم ڪرپشن کي هٿي ملندي، ترميمن سان اجازت ڏني وئي ته اهي مالي فائدو کڻن، جيڪي نيب قانون جي زمري ۾ نه اچن، عدالت ٻڌڻي ايندڙ اڱاري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.