نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي فيصلو محفوظ

0
40
نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي فيصلو محفوظ
نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، چيف جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ۾ چيو ته منهنجي رٽائرمينٽ ويجهو آهي، رٽائرمينٽ کان اڳ ڪيس جو شارٽ ۽ سويٽ فيصلو ٻڌائينداسين

 چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي دليل مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو، اٽارني جنرل کي پنهنجو موقف لکت ۾ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

چيف جسٽس سوال ڪيو ته ڇا نيب وٽ ڪيس ٻين فورمز ڏانهن اماڻڻ جو ڪو اختيار آهي؟ پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل خواجا حارث چيو ته ترميمن کانپوءِ نيب وٽ اهڙو ڪو اختيار نه آهي

 جسٽس منصور علي خان رمارڪس ۾ چيو ته ڇا نيب جي آفيس ۾ ڪو قتل ٿيندو ته معاملو واڳيل فورم تي ويندو، ڇا ڪيس ٻين فورمز ڏانهن اماڻڻ لاءِ قانون جي ضرورت نه آهي؟ ان باري ۾ ضرور پڇنداسين، چيف جسٽس چيو ته نيب مئي تائين واپس ٿيندڙ ريفرنسز جا سبب ٻڌايا آهن، انهن سببن مان اندازو ٿئي ٿو ته قانون جو جهڪاءُ ڪهڙي پاسي آهي

 جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته اربين روپين جا ڪيس منجمد ڪري هٿ مٿي ڪيا ويا آهن، ڪيس منجمد ٿيڻ سان انهن ماڻهن جو حق به متاثر ٿيندو جن جا اهي پئسا آهن، چيف جسٽس چيو ته ماضيءَ مان سبق سکندي هاڻي پاڻمرادو نوٽيس نه پيا وٺون