اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميمن بابت ٻڌڻي دوران نئين آندل نيب آرڊيننس جو معاملو به سامهون آيو، چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بينچ نيب ترميمون ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف حڪومتي اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس اطهر من الله چيو ته حڪومت هڪ آرڊيننس جاري ڪيو آهي، چيف جسٽس چيو ته فاروق ايچ نائڪ صاحب اسان اوهان کي شرمسار نٿا ڪرڻ چاهيون، اوهان ته آرڊيننس جاري ڪري درخواستگذار سان وڃي مليا آهيو، ڇا آرڊيننس ذريعي قانون ۾ تبديلي ڪنهن خاص ماڻهو لاءِ آهي؟ ڇا آرڊيننس آڻي پارليامينٽ جي اٿارٽي کي گهٽ ڏيکاريو ويو.