نيب آرڊيننس ، مخالف ڌر به دل ئي دل ۾ خوش

0
86

 جڏهن کان پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت آئي آهي تڏهن کان ملڪ ۾ مختلف بيانيا ٻڌڻ ۾ اچن پيا. انهن بيانين مان سڀ کان وڌيڪ مضبوطي سان جيڪو بيانيو  عمران خان جي حڪومت سامهون آندو، اهو هو اپوزيشن وارن کي اين آر او نه ڏيڻ . پر جيڪڏهن حقيقت ۾ ڏسجي ته تازو ئي وفاقي حڪومت جيڪو نيب آرڊيننس آندو آهي اهو هڪ اين آر او ئي آهي جيڪو ملڪ جي اشرافيه کي ڏنو ويو آهي. ان نيب آرڊيننس ۾ جيڪي شقون شامل ڪيون ويون آهن انهن منجهان لڳي ٿو ته حڪومت جن اپوزيشن وارن جي خلاف اختيارن جي استعمال، آمدني کان وڌيڪ اثاثا جوڙڻ جا ريفرنس  نيب عدالتن ۾ داخل ڪيا اهي سڀ جا سڀ اهي آهن جن ۾ ساڳيا الزام لڳايا ويا ۽ انهن الزامن تي اپوزيشن وارن به سياست ڪئي ۽ ڪري رهيا آهن. اهو آرڊيننس آڻڻ لاءِ اهو جواز ڳوليو ويو ته نيب جي ڪري ملڪ ترقي طرف نه پيو وڃي، سياستدان هجن يا وري ڪاروباري طبقو هجي اهي نيب جي عمل کان خوش ناهن.، نيب انهن جي خلاف ريفرنس داخل ڪري کين تنگ ڪري رهيو آهي. نيب حڪومت جو اهو اوزار آهي جيڪو سياسي انجنيئرنگ لاءِ استعمال ٿي رهيو آهي، احتساب جي نالي تي مخالف ڌر وارن جون ٻانهون مروڙيون پيون وڃن.

 ڪجهه ڏينهن اڳ اپوزيشن وارن هڪ پريس ڪانفرنس ڪندي نيب آرڊيننس ۾ ترميم ۽ ان ۾ خاص طور چيئرمين نيب کي ٻيهر چونڊڻ واري مامري تي ڀرپور طريقي سان پريس ڪانفرنس ڪندي حڪومت مٿان تنقيد ڪئي. ان پريس ڪانفرنس ۾ نيب آرڊيننس جي مسودي مطابق سرڪاري ڪمن ۾ ٿيل ڪرپشن تي نيب کي مليل جاچ جا اختيار واپس وٺڻ جي ترميم ۽ نيب ريفرنس ڪنهن به مرحلي تي واپس وٺڻ  جا اختيار ڏنا ويا آهن جنهن جو مطلب اهو ٿو نڪري ته جيڪڏهن ڪنهن سياستدان، ڪاروباري ماڻهو، انتظامي مامرا هلائيندڙ سرڪاري ملازمن سان جيڪڏهن اندرين خاني ڊيل ٿي ته ريفرنس واپس وٺي سگهجي ٿو. ان جو مطلب ته اهو نڪري ٿو ته هاڻي ڪجهه به ڪيو پر بچي سگهجي ٿو. اپوزيشن وارن جي پريس ڪانفرنس ۾ موجودگي جو مون کي هڪ فائدو ٿيو ته انهن جا منهن ڏسڻ جهڙا هئا پر انهن جي دلين ۾ خوشي جي لهر هئي کين اها پڪ هئي ته هنن کي هائي ڪير به ڪجهه چئي نه سگهندو. عدالتن ۾ به سالن جا سال ڪيس هلن ٿا پر انهن جو نتيجو نٿو نڪري، وقت ۽ حالتون بدلجي وڃڻ سبب ڪيس يا ته فائلن ۾ بند ٿي وڃن ٿا يا وري انهن ڪيسن مان اهي آجا ٿي وڃن ٿا.

نيب آرڊيننس تي جيڪڏهن حڪومتي بيانيي جي ڳالھه ڪجي ته هنن جي وفاقي وزيرن جيڪا پريس ڪانفرنس ڪئي انهن منجها اهو پئي لڳو ته هو به اهڙو آرڊيننس آڻي خوش ٿي رهيا آهن هنن جي به جان ڇٽي پوندي، پر اهو ڪير  به نٿو سوچي ته اهڙن ڪمن سان ملڪ جي مستقبل کي ڪيترو نقصان پوندو؟ نئين نسل کي ڪهڙي طرف ڌڪي رهيا آهيون. اهو خوف ڪنهن کي به ڪونهي ته هن مملڪت خداداد جو ڇا ٿيندو. ذاتي فائدن سبب اهو ملڪ کي نقصان پهچائي رهيا آهن مونکي اهو ته علم  ناهي  ته مستقبل ۾ ڇا ٿيندو پر جڏهن تاريخ لکي ويندي ته شايد تاريخدان ملڪ سان ناانصافي ڪندڙن کي بنارسي ٺڳن کان به ڪو وڌيڪ درجو ڏين. تاريخ دان اهو لکندو ته موجوده دور وارا طاقتور ماڻهو ڪيترا نه خوش قسمت هئا جن کي ذات ۽ ذاتي فائدي کان وڌيڪ ڪجهه به نظر نه ايندو هو، ان باوجود عوام کين پوڄيندو هو. ڪهڙي طريقي سان  مذهبي فرقن جهڙا سياسي فرقا ٺاهي سياست کي پنهجي گهر جو غلام بڻايو ويو ۽ انهن سياسي فرقن کي عوام رضامندي سان قبول ڪيو.

نيب جي تاريخ ڏسجي ته هن هميشه کان وائٽ ڪالر ڏوھه جي جاچ ڪئي آهي پر افسوس جو ملڪ ۾ ان وائٽ ڪالر ڏوھه کي روڪڻ لاءِ صحيح نموني سان قانونسازي موجود ناهي، جيڪا ٿوري گهڻي قانونسازي موجود آهي ان مان وائٽ ڪالر ڏوھه ڪندڙ ايئن بچي  نڪري وڃن ٿا ڄڻ هنن ڪو ڏوھه ئي ناهي ڪيو. ويجهي ماضيءَ ۾ واجھائي ڏسجي ته ملڪ جي تقريبن سموريون نالي وارين شخصيتون نيب جي گهيري ۾ آهن، آصف علي زرداري، ادي فريال ٽالپر ، مريم نواز، نواز شريف، شهباز شريف، شاهد خاقان عباسي، راجا پرويز اشرف ۽ ٻيا اهڙا کوڙ نالا آهن جيڪي هتي لکي سگهجن ٿا، اهي سڀ اختيارن جي ناجائز استعمال ۾ آمدني کان وڌيڪ اثاثا جوڙڻ واري ريفرنسن کي منهن ڏئي رهيا آهن، ڪجهه ته اهڙن نيب ريفرنسن مان جان آجي ڪرائي ويا پر بعد۾ حالتون بدلجي ويون ته انهن خلاف ٻيهر ريفرنس زنده ڪري ڪيس هلايا ويا. اهڙي صورتحال ۾ ڏسجي ته ڇا نئون نيب آرڊيننس حڪومتي توڙي اپوزيشن وارن لاءِ فائديمند ناهي. ان نيب آرڊيننس اچڻ کانپوءِ اسلام آباد جي عدالتن جي ڳالھه ڪجي ته هر احتساب عدالت ۽ اسلام آباد ھائيڪورٽ ۾ جج به اهي سوال ڪري رهيا آهن ته ان نئين آرڊيننس تحت ضمانت ڪير ڏيندو؟ ھائيڪورٽ وارا چون ٿا ته هاڻي نيب ريفرنس ۾ ضمانتون احتساب عدالتون ڏينديون ۽ احتساب عدالت وارا چون ٿا ته اسان ڪيئن ڪندا سين، جن کي سزا پاڻ ڏني آهي، انهن جي ضمانت اسان ڪيئن ڏيون؟ اھڙي ٻڏتر  صورتحال ۾ فائدو جوابدار کي ئي ملندو، نيب ۾ ڪيس هلندو رهندو جيستائين سزا نٿي اچي، جوابدار ان ڪري گرفتار به نه ٿيندو جيڪڏهن ڪنهن ڪيس ۾ گرفتار ٿيندو به ته وري ساڳي عدالت کيس ضمانت تي آزاد ڪندي. هاڻي جيڪي نيب جي ڪيسن ۾ گرفتاري ۾ ضمانت لاءِ ھائيڪورٽن ۾ ڪيس موجود آهن اهي واپس احتساب عدالتن ڏانهن اماڻيا پيا وڃن، اهي ڪيس واپس اچڻ سان احتساب عدالتن ۾ ڪيسن جو انگ وڌي ويندو ۽ انهن عدالتن ۾ پھريان ئي ڪيس ڪنهن به بهاني سان سست روي جو شڪار آهن. سالن کان انهن تي ٻڌڻيون ٿي رهيون آهن، هاڻي انهن ڪيس سان گڏ هي ڪيس به انهن ججن کي  ٻڌڻا پوندا. وڏي ستم ظريفي اها به پيدا ٿي سگهي ٿي ته اسانجا وڪيل جيڪي پنهجي ڪلائينٽ جو فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ ڪنهن حد تائين به ويندا آهن اهي هاڻي ڪوشش ڪندا ته ڪنهن طريقي سان ڪيس ڊگھا ٿين ۽ انهن جي ڪلائينٽ کي رليف ملي. هونئن به وس وارا جوابدار وڪيلن ذريعي يا وري ڪنهن ٻئي نموني سان عدالتن مان رليف وٺي ويندا آهن. هاڻي نيئن آرڊيننس اچڻ کانپوءِ اهي وڌيڪ فائدو حاصل ڪندا ۽ اهو موقف اختيار ڪندا ته وفاقي حڪومت نئون آرڊيننس آڻي ان جي بيهڪ تبديل ڪري ڇڏي آهي ۽ اهڙي موقف کي سامھون رکندي احتساب عدالتون به اهو ئي فيصلو ڪنديون جيڪو نيب جو قانون چاهي ٿو. هن وقت اپوزيشن وارا بي شڪ ان آرڊيننس جي مخالفت ڪن پر هنن کي اهو علم آهي ته اڄ يا سڀاڻي هو ان آرڊيننس مان فائدو حاصل ڪندا، ۽ فائدو حاصل ڪرڻ انهن جو حق به آهي.

ان آرڊيننس جو جتي اپوزيشن وارن کي فائدو رسندو اتي ئي حڪومتي صفن ۾ ويٺل وزير ۽ مشير به ان آرڊيننس مان لاڀ حاصل ڪندا. انهن لاڀ حاصل ڪندڙن ۾ عليم خان، فيصل واوڊا، جهانگير ترين ان لسٽ ۾ سڀ کان پهريان آهن، اهو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ان آرڊيننس جو فائدو سڀ کان وڌيڪ جهانگير ترين حاصل ڪندو ڇاڪاڻ جو هن جو ۽ ملڪ ۾ شگر ملون رکندڙ ٻين مالڪن جا نالا ان انڪوائري ۾ شامل ڪيا ويا آهن جيڪي حڪومت جي صفن ۾ ويٺل آهن.

ننڍي هوندي کان اهو پڙهندا ۽ وڏن کان ٻڌندا آهيون ته جنهن معاشري ۾ قانون ۽ عدل جي نظر ۾ امير غريب وچ ۾ فرق هوندو، اهو ڪنهن به وقت بدحالي جو شڪار ٿيندو. اهڙا مثال انساني تاريخ ۾ موجود آهن، پراڻن مثالن کي ٿوري دير لاءِ پاسي تي ڪري ويجهي ماضي کي سامھون رکجي ۽ اهي مثال ڏجن جن ۾ عدل جي نظام ۾ طاقتورن لاءِ الڳ نظام ۽ غريبن لاءِ الڳ نظام اهي  اهڙي صورت ۾ وقتي طور طاقتور طبقو فائدو ته حاصل ڪري ٿو پر عدل جي نظام جا بکيا اڊيڙي ڇڏي ٿو. اھڙي نظام ۾ جيڪڏهن ڪو صحيح ڪم ڪرڻ چاهي ٿو ته آرڊيننس ۽ قانون ذريعي فائدو حاصل ڪندڙ ان کي هلڻ ڪونه ٿا ڏين. جنهن جو تازو مثال سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو آهي هن ڪوئيٽا ڪميشن ۽ فيض آباد ڌرڻي وارا جيڪي فيصلا ڏنا ان جو مقصد هو ته عدل جي نظام ۾ بهتري اچي سگهي پر ان سان جيڪو ڪجهه ٿيو ان کان سڀ واقف آهيون. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ گذريل هڪ مهيني کان پنهجي وني سرينا عيسيٰ سان گڏ علاج سانگي اسپين ويل آهي، سندس  واپسي  جي باري ۾ ڪنهن کي به خبر ناهي ته هو ڪڏهن ايندو؟ هن جي غير موجودگي سبب اقتداري ايوانن جي شهر اسلام آباد ۾ ڪيترائي چوٻول هلي رهيا آهن جن بابت محترم جج صاحب کي به اندازو ٿي سگهي ٿو. ملڪ ۾ قانون جي عملداري قائم ڪرڻ لاءِ جڳ مشهور سائنسدان ڊاڪٽر قدير خان جي جنازي بابت نه لکان ته مناسب نه ٿيندو. ڇنڇر ۽ آچر واري رات ڊاڪٽر قدير خان جي طبيعت خراب ٿي کيس گهر کان اسپتال منتقل ڪيو ويو پر علاج دوران هو خالق حقيقي سان وڃي مليو. ان جي جنازي نماز جي ادائيگي لاءِ فوري طور جيئن گهرو وزير شيخ رشيد متحرڪ ٿيو ان مان سمجھه آئي ته شيخ صاحب جون واڳون ٻيو ڪير هلائي رهيو هو. جنازي نماز فيصل مسجد ۾ ادا ڪئي وئي ۽ مرحوم جي وصيت مطابق کيس فيصل مسجد ٻاهران دفن ڪرڻ گهرجي ها پر اوچتو فيصلو ڪيو ويو جيڪو ڊاڪٽر صاحب جي نياڻي جو حوالو ڏيندي چيو ويو ته اسلام آباد جي ايڇ ايٽ واري قبرستان ۾ دفن ڪيو ويندو. جنهن کانپوءِ فوري طور ڊاڪٽر قدير خان کي  فوجي اعزاز سان مشهور شاعر فيض احمد فيض جي ڀرسان زمين جي ٽڪري ۾ دفن ڪيو ويو. دفن ڪرڻ وقت تمام تيز برسات ٿي رهي هئي، فوج جي سخت پهري ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته برسات بند ٿيڻ تائين ڊاڪٽر صاحب کي نه دفنائجي پر ڊاڪٽر صاحب جي نياڻي جيئن قبرستان پهتي ته هن پهرو ڏيندڙن کي چيو تيز برسات ۾ دفنايو دير نه ڪيو. ان جو اهڙي چوڻ سان ڊاڪٽر صاحب کي دفنايو ويو اتي جيڪو ڪجهه مون اکين سان ڏٺو ان کي ايئن لفظن ۾ بند ڪري سگهجي ٿو ته شايد هاڻي ڊاڪٽر صاحب جي فيملي هن ملڪ جو نالو نه وٺي. هنن کي سدائين پنهجي والد سان رکيل رويو ياد رهندو……