شھدادڪوٽ (رپورٽر)شھدادڪوٽ جي ھيرا اباد محلي جي رھواسي گل حسن مڱڻھار پنهنجي نياڻي رشيدان مڱڻھار جي بازيابي لاءِ  در  در  بنگلن جا چڪر ڪاٽڻ بعد پريس ڪلب شھدادڪوٽ پھچي احتجاجي مظاهرو ڪري انصاف ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، ان موقعي تي متاثر گل حسن مڱڻھار محمد حسن مڱڻھار مسمات سبحان خاتون مڱڻھار ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو ته قمبر ليڊيز پوليس جي اي ايس آءِ صنم عباسي منهنجي مدد ڪرڻ لاءِ مون کان 46 ھزار رپيا ورتا ھئا، جيڪي پئسا مون قرض ۽ وياج تي وٺي صنم عباسي کي ڏنا ھيا ليڪن اي ايس آءِ صنم عباسي مخالف ڌر کان لکين رپيا وٺي منھنجي اغوا واري ڪيس کي ڪينسل ڪلاس ۾ ٺاهي عدالت سڳوري ۾ کڻي آئي ھئي، پر عدالت سڳوري ڪيس جي نوعيت کي ڏسندي رشيدان مڱڻھار جي عمر (ب) فارم ۾  15 سال ۽ نڪاح پڙهائيندر مولوي جي بيان مطابق ته مون اھو نڪاح نه پڙھايو آهي، واري بيان بعد ليڊي پوليس جي اي ايس آءِ صنم عباسي کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته تون غلط ڪيس ٺاهي کڻي آئي آھين، ان لاءِ جلد جوابدار سلطان مگسي کي گرفتار  ڪري ۽ رشيدان مڱڻھار کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، واضح رهي ته گل حسن مڱڻھار ليڊيز پوليس جي اي ايس آئي صنم عباسي کي پٽون پاراتا ڏنا، گل حسن مڱڻھار  آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ڪليم ملڪ کان مطالبو ڪيو ته منهنجي نياڻي رشيدان مڱڻھار کي جلد بازياب ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.