جاتي(ن پ ا) ڪجهه ڏينهن جاتي ويجهو ڳوٺ گل محمد ڌاندل ۾ گهر ۾ ناريءَ پروين ڌاندل پاران يوسي چيئرمين جي پٽ محر علي اسحاق سميجو تي جنسي زيادتي جو الزام هنيو هو، پوليس پاران جوابدار گرفتار نه ڪرڻ تي متاثر ناريءَ جي والد ابراهيم ڌاندل پريس ڪلب جاتي پهچي صحافين اڳيان دانهيندي چيو آهي ته منهنجي نياڻي کي اغوا ڪرائي جنسي حوس جو نشانو بڻايو ويو، جوابدار محر علي اسحاق سميجو جو پيءُ زميني تڪرار جو جواز ڄاڻائي ڪيس لوڙهڻ چاهي ٿو پر آئون هڪ غريب پورهيت آهيان ڏهاڙي تي مزدوري ڪري پنهنجي ٻچن جو پيٽ پاليان ٿو منهنجو هڪ ايڪڙ به زمين ڪونهي جو اهڙو ڊرامو رچايو پيو وڃي. هن چتاءُ ڏيندي چيو ته جوابدار پوليس گرفتار نه ڪيا ته آئون نياڻي سميت آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي سجاول آفيس اڳيان انصاف تائين احتجاج جاري رکندس.