نياڻين کي تعليم ڏياريو، پاڙي وارن جو خيال رکو: حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳارو جو مريدن کي خطاب

0
51
نياڻين کي تعليم ڏياريو، پاڙي وارن جو خيال رکو: حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳارو جو مريدن کي خطاب
نياڻين کي تعليم ڏياريو، پاڙي وارن جو خيال رکو: حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳارو جو مريدن کي خطاب

حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري چيو آهي ته ملڪ جون حالتون خراب آهن، مهانگائي اڃا وڌندي، گهٽبي نه، اسان کي ملڪ لاءِ سوچڻو پوندو، ٻارن جي دماغ ۾ ڳالهه ويهارڻي آهي ته فوج اسان جي آهي، اسان فوج جا آهيون، موجوده صورتحال ۾ ڪو به نيشنل ليول تي ليڊر رهيو ئي ناهي، فيڊريشن کي جيڪڏهن ڪير بچائي سگه ٿو ته اها فوج آهي، سياستدان نه، هر ڪو پنهنجي ديڳڙي تيار ڪري ويٺو آهي، سياست ۾ جيترو به جيڪو ڪوڙ ڳالهائيندو اهو اوترو وڏو ليڊر ٿيندو، جيڪڏهن اسان پاڪستان جا خير خواهه ۽ فيڊريشن سان گڏ آهيون ته اسان کي هر حال ۽ هر قيمت تي فوج جو ساٿ ڏيڻو آهي، اسان فوج کان پري نه ٿا ٿي سگهون، فوج جي ڪري اسان جون سرحدون، عزت ۽ ملڪ محفوظ آهي، جتي فوج ڪمزورآهي ان ملڪ جا ماڻهو ڌڪا کائي رهيا آهن، اسان به جيڪڏهن فوج کي ڪمزور ڪيو ته ڌڪا کائينداسين: کپري ڀرسان مريدن کي خطاب ڪندي پير پاڳاري چيو ته ڪجهه ماڻهن مون کي چيو ته پنهنجي نياڻين کي جماعت ۾ ڇو ٿا وٺي اچو ؟ مون جواب ڏنو ته جڏهن جماعت جون نياڻيون اچن ٿيون منهنجون نياڻيون به جماعت جون نياڻيون آهن، پنهنجي نياڻين کي تعليم ڏياريو، نياڻين وٽ تعليم نه هوندي ته اهي گهر ڪيئن هلائينديون ؟