ممبئي(شوبز نيوز) سال 2005ع ۾ رليز ٿيندڙ بالي ووڊ جي مشهور ڪاميڊي فلم ”نو انٽري“ جي شوقينن لاءِ خوشخبري آهي ته ان جو سيڪوئل ”نو انٽري 2“ به اچي رهيو آهي. ان فلم ۾ ورون ڌون، دلجيت دوسانجهه ۽ ارجن ڪپور مک ڪردارن ۾ نظر ايندا ۽ تازن اطلاعن موجب تمنا ڀاٽيا به ان فلم جو حصو هوندي. ميڊيا رپورٽن موجب تمنا ڀاٽيا کي فلم ۾ اهم ڪردار لاءِ چونڊيو ويو آهي، ان جو ڪردار پهرئين پارٽ ۾ بپاشا باسو جي ڪردار سان مشابهت رکندڙ هوندو. فلم ۾ ٻي اسٽار ڪاسٽ به شامل ڪئي ويندي، جنهن لاءِ اداڪارن جي چونڊ جاري آهي. ”نو انٽري 2“ جي شوٽنگ جون يا جولاءِ 2025 ۾ شروع ٿيڻ جو امڪان آهي ۽ ان کي ڏياري جي موقعي تي رليز ڪيو ويندو. فلم جو پروڊيوسر بوني ڪپور ۽ هدايتڪار انيس بزمي آهي.