ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پي ايس ٽيز ۽ جي اِي ايس ٽيز جي ڀرتين لاءِ 33 کان 39 مارڪون کڻندڙ اميدوار سنڌ اسيمبلي جي هلندڙ اجلاس دوران اسيمبلي جي مُک گيٽ تي پهچي ويا، ، اميدوارن ڌرڻو هڻي ايم پي ايز جون گاڏيون روڪي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ان موقعي تي اميدوارن بشير احمد ڪلوڙ، ديدار لغاري ۽ ٻين چيو ته ماستري ٽيسٽ ۾ ٻٽي پاليسي تحت ڀرتيون ڪري ڪيترن ئي اميدوارن کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي، جيڪي هاڻ اوور ايج پڻ ٿي ويا آهن. هن چيو ته گذريل هفتي کان احتجاجي ڪيمپ قائم ڪري ويٺل آهيون پر حڪومت جو ڪو به نمائندو ناهي آيو. هنن چيو ته حڪومتي نمائندا پنهنجا نواز پاليسي تحت ڪجهه علائقن کي هارڊ ايريا قرار ڏئي ڀرتيون ڪن پيا. هنن چيو ته هزارين جايون خالي هجڻ باوجود 33 کان 39 مارڪون کڻندڙن لاءِ پاليسي ۾ نرمي نه پئي ڪئي وڃي هنن مطالبو ڪيو ته ماستري ٽيسٽ ۾ ٻٽي پاليسي ختم ڪري 33 ۽ ان کان وڌيڪ مارڪون حاصل ڪرڻ وارن سڀني اميدوار کي ڀرتي ڪيو وڃي. هنن چيو ته کين آفر ليٽر ڏئي ڀرتي نه ڪيو ويو ته وزير اعليٰ هائوس سامهون احتجاج ڪيو ويندو.