ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو سنڌ اسيمبلي جي مُک گيٽ اڳيان ڌرڻو، صوبائي وزير سردار شاھ جي گاڏي کي روڪيو ويو، اميدوارن چيو ته 40 مارڪون کڻندڙ سمورن اميدوارن کي پي ايس ٽيز ۽ جي اِي ايس ٽيز جا آفر آرڊر ڏنا وڃن. صوبائي وزير سردار شاھ گاڏي مان هيٺ لهي اميدوارن کي خاطري ڪرائي ته هُو مطالبا کڻي سندس آفيس اچن، جتي ڳالهين بعد سندن جائز مطالبا مڃيا ويندا پر اميدوارن سندس هِڪ نه ٻُڌي، جنهن تي صوبائي وزير اسيمبلي ۾ واپس هليو ويو.