نوڪرين لاءِ پئسو ۽ سفارش هلي ٿي، ميرٽ تي عمل نٿو ٿئي، حڪمران، چونڊيل نمائندا ۽ ڪامورا ذميوار آهن: عوام

0
21

سنڌ ۾ 1 کان 15 گريڊ جون نوڪريون: ڇا ميرٽ تي عمل ٿئي ٿو؟ يا سفارش ۽ پئسو هلي ٿو؟ ذميوار ڪير آهي؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته حڪمران، چونڊيل نمائندا، ڪامورا ذميوار آهن، جيڪي پئسن ۽ سفارش تي نوڪريون ڏئي رهيا آهن، ميرٽ تي عمل نٿو ٿئي، نوجوانن ۾ مايوسي آهي، نظام ۾ بهتري آندي وڃي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي منظور علي زرداري لکيو ته سنڌ ۾ ميرٽ جو نالو آهي پئسا، ميرٽ تي نوڪريون ڪڏهن به ڪونه ملنديون، گذريل پندرهن سالن کان نوڪرين تي ايم اين اي، ايم پي اي وڏيرا قبضو ڄمايون ويٺا آهن، جاويد احمد لکيو ته سنڌ ۾ تعليم يافته آهن ڪٿي؟ رڳو پنو اٿن ھٿ ۾، اچي اسان جي تعليم يافته جوانن کي پورو سنڌي ۾ صحيح لکڻ نه ٿو، تازو سنڌ يونيورسٽي جي نج ميرٽ جي داخلا ٽيسٽ ۾ پڻ 70 سيڪڙو فيل ٿي ويا، عبدالستار انڙ لکيو ته ميرٽ پرائمري اسڪول ٽيچر pst ۽ جونيئر ايليمينٽري اسڪول ٽيچر jest واري گذريل ٽيسٽ ۾ اسان پاڻ آبزرو ڪئي هئي، باقي اڳ جي خبر رب کي، نوڪرين تي پابندي ڪڏهن به نه لڳڻ کپي، چاهي نوڪري پٽيوالي جي هجي يا ڊائريڪٽر جي پهرين اشتهار ڏئي ان کان پوءِ قانوني گهرجون پوريون ڪري پوءِ ملڻ کپي، اسان ميرٽ جي بنياد تي نوڪري حاصل ڪئي، تمام سورهن کان سترهين گريڊ جي نوڪرين لاءِ گريجوئيٽ اميدوارن کي موقعو ڏنو وڃي ڪافي سال نوڪرين تي پابندي هئي تنهنڪري عمر جي حد ۾ رعايت ڏني وڃي، موهن لال لکيو ته 1کان 15 گريڊ جي نوڪرين ۾ پئسا توڙي سفارش هلي ٿي جنهن سبب نوجوانن ۾ مايوسي پکڙيل آهي سفارشي ڪم چونڊيل نمائندا ۽ پئسن ۾ بيوروڪريٽس ملوث آهي، فدا ميراڻي لکيو ته ڪو به عمل نه پيو ٿئي، پنج کان پندرھين اسڪيل وارين ڊيوٽين جو پراسيز مڪمل ناھي ڪيو ويو، مئٽرڪ ڪيٽيگري جي ٽيسٽ ناھي ورتي وئي،بيروزگارن سان رڳو مذاق آهي، عبدالقيوم لغاري لکيو ته سنڌ ۾ نوڪري ميرٽ تي ملڻ ھاڻي ناممڪن بڻجي ويو آھي.ڇاڪاڻ ته گذريل سورنھن سالن کان پ پ جي حڪومت آھي جنھن جي سرڪار ۾ ميرٽ ھلڻ نا ممڪن آھي سنڌ ۾ ڪھڙو به کاتو ھجي ھر محڪمي ۾ صرف رشوت ۽ پنھنجا نوازي آھي ۽ھر کاتي ۾ رشوت کان سواءِ ڪابه نوڪري ناممڪن آھي ھاڻي. هزار خان لکيو ته سنڌ حڪومت ۽ خاص ڪري امتحان وٺندڙ ادارا جيڪڏهن ڪو به اميدوار امتحان پاس به ڪري ٿو ته ان کي انٽرويو ۾ پئسا ڏيڻا پون ٿا، همت علي سخيراڻي لکيو ته نوڪريون ميرٽ تي نه ملڻ جا ذميوار چونڊيل نمائندا آهن پئسن عيوض ۽ من پسندن کي نوڪريون ڏنيون وڃن ٿيون، شاهد بلوچ لکيو ته 1کان 15 گريڊ جي نوڪرين ۾ پئسا توڙي سفارش هلي ٿي جنهن سبب نوجوانن ۾ مايوسي پکڙيل آهي سفارشي ڪم چونڊيل نمائندا ۽ پئسن ۾ بيروڪريٽس ملوث آهي، اسد زرداري لکيو ته سنڌ ۾ ميرٽ تي نوڪري نه ملڻ جا ذميوار ڪرپٽ حڪمران آھن جيڪي چند پئسن عيوض ميرٽ جي لتاڙ ڪن ٿا ۽ لکيل پڙھيل نوجوانن جي حقن تي ڌاڙو ھڻن ٿا سنڌ جي ھر اداري کي ڪرپشن تباھه ڪري ڇڏيو آھي 1 کان 15 گريڊ جون نوڪريون بـ ميرٽ تي نوجوانن کي مشڪل ملن، الله ڏنو بلوچ لکيو ته نوڪري ميرٽ تي ڪيئن هلن هر هنڌ ڪرپشن اوڏهي وانگر لڳل آهي۔ملڪ کي ڪرپٽ آفيسر شاهي کائي ويا آهن، احسان لغاري لکيو ته سنڌ ۾ اڪثر ميرٽ جي لتاڙ ھلي ٿي من پسند ماڻھن کي نوڪريون ڏنيون وڃن ٿيون جيئن هاڻ ٿي رھيو آھي وڪسينيٽر ٽيسٽ پاس وارن جو پروسيس شروع ٿي ويو آھي پوليس ٽيسٽ پاس وارن جو پروسيس ھلي رھيو آھي باقي ناانصافي 5 کان 15 جي ٽيسٽ پاس وارن سان آھي ھي اسان جي سنڌ حڪومت جو قانون آھي، شوڪت حسين نهڙيو لکيو ته نوڪرين ۾ سفارش ۽ پئسو ھلي ٿو ذميوار حڪومت آھي، حميرگل راڄپر لکيو ته 1کان 15 گريڊ جي نوڪرين ۾ پئسا توڙي سفارش هلي ٿي جنهن سبب نوجوانن ۾ مايوسي پکڙيل آهي، سميت ڪمار لکيو ته سنڌ ۾ ڪو به ڪم پئسن کانسواءِ نٿو ٿئي، سلمان سومرو لکيو ته جيڪڏھن پئسن تي به ملن ته به صحيح پر هي نوڪري ڏين ئي نٿا، سارنگ منير سومرو لکيو ته ميرٽ جو جتي نالو نشان نه ھجي ان کي سنڌ چئبو آھي، عبدالوحيد ميمڻ لکيو ته سنڌ ۾ نوڪري ميرٽ تي ملڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ آهي، معاشري ۾ پئسو گڏ ڪرڻ جي رجحان انسانيت جا ليڪا ئي لتاڙي ڇڏيا آهن، اعجاز پرديسي لکيو ته ميرٽ تي نوڪريون نه ملڻ جو ذميوار ڪرپٽ رشوت خور ادارن تي ويٺل آفيسر ۽ سنڌ گورنمينٽ آھي، پڙهيل لکيل نوجوان مزدوريون ڪري گھر جو گذر سفر ڪن ٿا اھا ميرٽ جي لتاڙ آھي. جاني شاهه لڪياري لکيو ته سنڌ ۾ ميرٽ تي ڪٿي به نوڪري ملڻ جا آثار نٿا ملن ھر نوڪري پيسن تي وڪرو ٿي رھيون آھن ان جي زميوار صرف سنڌ حڪومت آھي، صدام سومرو لکيو ته سنڌ جي سمورن کاتن ۾ اڪثر پئسو ۽ سفارش هلي ٿي، ذميوار حڪمران ۽ ڪامورا آهن، باقي سنڌ جي بيرزگار نوجوانن جو ميرٽ تان ويساھه کڄي چڪو آهي چيف منسٽر کي اپيل ڪجي ٿي ته سنڌ اندر ميرٽ جي بحالي لاءِ قدم کنيا وڃن، گل حسن خاصخيلي لکيو ته ذميوار جي ته سڀني کي خبر آهي باقي اسان جي علائقي ۾ بئنڪ جي اڳيان پڙهيل لکيل نوجوان ڊگھين قطارن ۾ خوار ٿيندا آهن، فارم ڀرائي خرچ ڪرايا ويا پر خبر ناهي نوڪريون ڪيڏانهن ويون؟ سيف الله سنائي لکيو ته سنڌ ۾ ميرٽ جي لتاڙ جا وڏا ذميوار سنڌ جا چونڊيل نمائندا آهن جيڪي ڪرپٽ آفيسرن سان گڏجي ڪم ڪن ٿا، نادر علي ڄامڙو لکيو ته خيرپور ۾ رڳو ايم اين اي ۽ ايم پي اي جي ماڻهن کي نوڪريون ملن ٿيون، ڄام نصرالله ڳاهو لکيو ته ميرٽ تي نوڪري ملي ها ته ڏھه سالن کان وٺي هر اداري جي آفيسن اڳيان خوار  ڪونه ٿيڻو پوي ها هتي نوڪري انهي کي ملندي جنهن وٽ پئسو ۽ سفارش هوندي آهي، مهران علي ابڙو لکيو ته اڃا تائين گريڊ 5 کان 15 جو پروسيس شروع ئي نٿا ڪن، علي شير ڪنڀر لکيو ته سنڌ جي سمورن کاتن ۾ سفارشي ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون وڃن ٿيون يا پئسو خرچ ڪرڻ سان ملن ٿيون، خادم حسين لکيو ته سنڌ ۾ نوڪريون پئسن تي ملن ٿيون، نقاش پيرزادو لکيو ته پنج لکن کان ڪم شروع ٿئي ٿو 20 لکن تائين ھلي ٿو، قاسم خاصخيلي لکيو ته سياسي ۽ سفارشي ڪلچر ختم ڪيو وڃي، شنڪر لال لکيو ته ميرٽ تي نوڪريون نه ملڻ جو ذميوار ڪرپٽ ادارو آهي، شاهد بلوچ لکيو ته 1کان 15 گريڊ جي نوڪرين ۾ پئسا توڙي سفارش هلي ٿي جنهن سبب نوجوانن ۾ مايوسي پکڙيل آهي، اي ڊي بجير لکيو ته سياسي سپورٽ ۽ پئسو هلي ٿو، سمير احمد لکيو ته پئسو هلي ٿو، شنڪر لال لکيو ته ميرٽ تي نوڪريون نه ملڻ جو ذميوار ڪرپٽ ادارو آهي، شاهد بلوچ لکيو ته 1کان 15 گريڊ جي نوڪرين ۾ پئسا توڙي سفارش هلي ٿي جنهن سبب نوجوانن ۾ مايوسي پکڙيل آهي، اي ڊي بجير لکيو ته سياسي سپورٽ ۽ ڏوڪڙ هلي ٿو، سمير احمد لکيو ته سنڌ ۾ نوڪريون پئسن تي ملن ٿيون، اي ڊي سومرو لکيو ته بيورو ڪريٽ ۽ ايم پي اي ۽ ايم اين اي سڀ ھڪ آھن سرڪاري نوڪريون ڏيڻ وارا سڀ ھڪ پيچ تي آھن ذميوار سرڪاري مشينري سياسي مشينري آھي، بگٽي رسول بخش لکيو ته سچ وڏو ڏوھاري آ ….؟ مظفر شبير بوزدار لکيو ته ڪرپٽ آفيسرن سميت سياسي اڳواڻ ذميوار آهن، مهراڻ علي ابڙو لکيو ته حڪمران ذميوار آهن، شهمير لکيو ته سنڌ ۾ ميرٽ تي ڪٿي به نوڪري ملڻ جا آثار نٿا ملن، نوڪريون واڪ ۽ ٺيڪن تي وڪرو ڪيون پيون وڃن، سڪندر گرگيج لکيو ته ميرٽ جو جنازو ڪڍي ڇڏيو اٿن سنڌ ۾ ڪميشن واريون نوڪريون ميرٽ تي نٿيون ملن هڪ کان پندراهن وارن جي ڪهڙي ميرٽ ٿيندي، وفا گولو لکيو ته هڪ کان پندرنهن وارين نوڪرين ۾ مسلسل دير جو اهم سبب اهو آهي ته سنڌ جي حڪمران جماعت جي وزيرن مشيرن توڙي ڪامورن پاران ماڻهن کان لکين رپيا رشوت وٺي نوڪريون ڏيڻ جو سودو ڪيو ويو آهي انڪري هي لوئر اسٽاف جون نوڪريون رولڙي جو شڪار آهن، سنڌ سرڪار توڙي وس وارن کي اها مڪمل طرح ڄاڻ آهي ته هي نوڪريون وڪرو ٿي چڪيون آهن انڪري هاڻي انهن کي ڏيڻ بجاءِ وقت پاس ڪري ماڻهن کي دلاسا ڏيئي ڪم ڪڍيو پيو وڃي. عبدالله کوسو لکيو ته ڪروڙين رپيا خرچ ڪري ڊگريون وٺندڙ سنڌ جا اھل نوجوان ۽ نياڻيون ميرٽ نه ھجڻ ڪري خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن سنڌ جي اقتدار تي ويٺل رڳو پنھنجا نوازي ۾ مـصروف آھن، ميرٽ جو نالو نشان ئي ناهي، نويد خان لکيو ته ھڪ طرف سنڌ ۾ مختلف ٽيسٽن ۾ پاس ٿيندڙ نوجوانن کي سرڪاري نوڪرين جي آسري تي پنج پنج سال انتظار ڪرايو ٿو وڃي ۽ ٻئي طرف رٽائرڊ ملازمن کي مختلف کاتن ۾ ڀرتي ڪيو ٿو وڃي، جئين ته ھاڻي عمر جي حد ۾ رعايت پڻ ختم ڪئي وئي آھي ۽ آءِ بي اي چالان جي فيس پڻ 1500 مقرر ڪئي وئي آھي، انھي سان گڏ سرڪاري کاتن کي پرائيويٽ ڪمپينن جي حوالي ڪرڻ جو سلسلو پڻ جاري آھي، ھر آئي ڏينھن سروس ۽ پينشن جا طور طريقا تبديل ڪيا ٿا وڃن، انھي سان گڏ پروموشن ۽ پروموٽ جا اصول پڻ سڀني سرڪاري کاتن ۾ مختلف ۽ منفرد آھن، جڏھن تعليم يافته نوجوان پنھنجو وقت ۽ توانائي سان پئسو خرچ ڪري يونيورسٽي مان ڊگري وٺي نڪري ٿو ته انھي مختلف طريقن سان سائيڊ تي رکيو ٿو وڃي جنھن ۾ ھڪ طريقو اھو به آھي ته پاس اميدوارن جو تعداد وڌيڪ ۽ نوڪرين جو تعداد محدود آھي ۽ پوءِ جڏھن انھي جي عمر 30 سال کان مٿي ٿئي ٿي ته اھو ڪنھن به سرڪاري نوڪري لاءِ نااھل سمجھيو وڃي ٿو، جڏهن ته عوامي نمائندن لاءِ عمر جي حد، فٽنيس ۽ تعليمي قابليت مطابق ٽيسٽ مقرر نه آھي اھي تاحيات اھل سمجھيا وڃن ٿا ۽ميرٽ پاس نوجوانن جو تعداد جيڪڏھن 5 ھزار آھي ته اتي پوسٽن جو تعداد صرف 100 کان 130 تائين آھي، حڪومت کي روزگار جا ذريعا وڌائڻ گھرجن ۽ ميرٽ تي پاس نوجوانن کي ويٽنگ لسٽ ۾ رکڻ بجاءِ بروقت مناسب روزگار ڏنو وڃي، علي بخش شر لکيو ته ميرٽ تي نوڪريون نه ملڻ جا ذميوار حڪمران، وڏيرا، ڀوتار آهن، ميرٽ جي لتاڙ سياسي ماڻهن جي انوال ٿيڻ جي ڪري آهي، ساگر علي رضا لکيو ته ميرٽ تي پاس ٿيندڙ پنج کان پندرنهن اسڪيل وارا اميدوارَ گذريل ٻن سالن کان آءِ بي اي سکر جي ٽيسٽون پاس ڪري بيروزگار ويٺل آهن ڊپرائيوڊ 20 تعلقن جي آفر آرڊرس مليل اميدوارن کي پهرين آگسٽ 2023ع کان جوائنگ ناهي ملي هزارين 40 پلس اميدوار ذهني اذيت جو شڪار بڻيل آهن.  نديم نياز ميمڻ لکيو ته سنڌ ۾ ميرٽ تي نوڪريون نه ملڻ جو ذميوار هن ملڪ جو ڪرپٽ ڪامورو آهي، مظفر حسين ڏيٿو لکيو ته سڀ کان وڌيڪ ڪرپٽ ۽ ميڙٽ جو قاتل نظام هتي سنڌ ۾ آهي، ساجد لغاري لکيو ته گريڊ 1 کان 15 جون نوڪريون ميرٽ تي نه ملڻ جو هڪ سبب انٽرويو پاليسي آھي. جڏھن اميدوار لکت واري ٽيسٽ پاس ڪن ٿا ته ان جو مطلب ته اميدوار قابل آھن. انھن اميدوارن کي ٽيسٽ مارڪن جي بنياد تي نوڪريون ڏنيون وڃن. پر ھتي ابتو نظام آهي انھن ٽيسٽ پاس اميدوارن کان جڏھن انٽريو ورتو ٿو وڃي جنھن ۾ پنھنجا نوازي ۽ رشوت جو ماحول گرم ٿئي ٿو. ان کانپوءِ ميرٽ تي پاس ٿيل اميدوارن جو حق ماريو وڃي ٿو. انجي ڪري 5 کان 15 ٽيسٽ پاس اميدوارن جو ھڪ ئي مطالبو آھي نوڪريون آءِ بي اي ٽيسٽ ٽاپ ٽو باٽم مارڪن جي بنياد تي ڏنيون وڃن ته جيئن سنڌ ۾ ميرٽ ٿئي. ثناءُالله مشوري لکيو ته سڄو سسٽم سفارش تي ھلي ٿو سنڌ پوليس ۾ سپاھي جي ويڪنسي مبينا 7 لک ۾ وڪرو ٿي آهي، جان محمد مري، شهباز بوزدار به سروي ۾ حصو ورتو، بيوس اربيلو ڏاهاڻي لکيو ته ڪرپٽ آفيسر ذميوار آهن، عبدالصبور سومرو، روشن جوڻيجو، امير علي ۽ ٻين به سروي ۾ حصو ورتو.