نوڪرين جو ڪوٽا سسٽم ۽ واڳون وارا ڳوڙها

0
93
يوڪرين ۾ هلندڙ جنگ ۽ آمريڪا جا آسرا

 پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ شرط هندستان مان هجرت ڪري ايندڙن مان نواب زادہ لياقت علي خان جيڪو هندستان ۾ پڻ سياسي حوالي سان چڱي خاصي شهرت رکندڙ هو تنهن کي هن ملڪ جو پهريون  وزيراعظم ان ڪري به ڪيو ويو جو هو هجرت ڪندڙ مهاجرن ۾ واحد ماڻهو هو جيڪو هندستان ۾ به نواب خاندان سان تعلق رکندڙ  هو ۽ پنهنجي سموري دولت ۽ زمينداري توڙي ٻي پراپرٽي هجرت ڪرڻ وقت هندستان ۾ ڇڏي آيو هو، ليڪن حقيقت اها آهي ته لياقت علي خان اها قرباني به هڪ طئه ڪيل اڳواٽ منصوبي تحت ڏني هئي، اهو منصوبو بعد ۾ سندس پاران کنيل عملي قدمن مان ظاهر ٿي پيو. لياقت علي خان کان علاوه باقي هجرت ڪندڙن ۾ وڏو تعداد هيٺين طبقي جو هو،  ايئن کڻي چئجي ته انهن مان 90 سيڪڙو کان وڌيڪ هندستان ۾ رهندڙ ٽئين درجي جا اهي شهري هئا جن اتي اڳي ئي بک ۽ بدحالي سان پئي گذارو ڪيو ۽ هندستان ۾ هندن جي هٿان انهن جو استحصال پڻ ٿيندو رهيو.

اهي هندستان ۾ هندن جي غلامي جهڙي زندگي بسر ڪري رهيا هئا انڪري انهن کي هجرت جي نالي هڪ روشن مستقبل ۽ محفوظ اسلامي ملڪ نظر اچي رهيو هو ان ڪري به هنن هجرت ڪرڻ ۾ فائدو ۽ عزت جي زندگي کي ڏسي ورتو هو ۽ انهن اهو اندازو لڳائي سمجهي ڇڏيو هو ته نئين ملڪ پاڪستان ۾ انهن جو استحصال ڪونه ٿيندو ۽ نه غلامي جي زندگي بسر ڪرڻي پوندي. ليڪن جيڪي آسودا مسلمان هئا انهن پنهنجي ڌرتي تي ئي رهڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اڄ به هندستان ۾ مسلمان مذهب جي ماڻهن جو تعداد 20 ڪروڙ کان به وڌيڪ آهي جيڪو هن ملڪ جي سموري آبادي جي برابر آهي.  گذريل ڪيترن ئي سالن کان ايم ڪيو ايم جيڪا هجرت ڪري ايندڙن جي وڏي جماعت سمجهي ٿي وڃي اها واويلا ڪندي رهي آهي ته سنڌين کي نوڪرين ۾ رورل ڪوٽا ملندي رهي آهي.

ليڪن حقيقت ڇا آهي اچو ته اڄ ان کي واضح ۽ چٽو ڪري ڇڏيون ته جيئن تاريخ جي به درستگي ٿئي ۽ ايم ڪيو ايم جي ان واويلا کي تاريخ سندن ئي ڪرتوتن  سان ياد ڪري.در اصل ڪوٽا سسٽم جو آغاز هجرت ڪندڙن جي مفاد ۾ لياقت علي خان ئي رائج ڪيو هو ۽ اهڙي ته لڪل انداز ۾ بدديانتي ڪئي جنهن جو تاريخ ۾ مثال ملڻ مشڪل آهي ڇو ته لياقت علي خان سمجهي ورتو هو ته هجرت وارن وٽ نه زمين جا ڪاغذ آهن، نه نوڪري جا ثبوت آهن ۽ نه پراپرٽي جو ڪو ثبوت آهي، ان ڪري لياقت علي خان هن ملڪ جي بنيادن کي ئي ڪوڙ ۽ دوکي تي بيهارڻ شروع ڪيو. ڇاڪاڻ ته کيس ڊپ هو ته متان هن سان لڏ پلاڻ ڪري ايندڙ هت به  هندستان وانگر خوشحال سنڌ جي ماڻهن وٽ نوڪر نه ٿي پون، ان ڪري هن 1948ع ۾ ڪوٽا سسٽم متعارف ڪرايو. هندستان مان هجرت ڪري ايندڙن جو تعداد ڪل آبادي جو ٻه سيڪڙو هو. ليڪن حيرت ناڪ انداز ۾ هنن ٻه سيڪڙو ماڻهن جو نوڪري ۾ 17 سيڪڙو حصو رکيو ويو، يعني اهي ٻه سيڪڙو ماڻهو جڏهن هن ملڪ جي آبادي جو حصو ٿيا ته نوڪرين ۾ هنن جي ڪوٽا رکي ويئي 17 سيڪڙو،  نه انهن کان ڊگري گهري ويئي، نه ڪو سرٽيفڪيٽ، بس حلف نامون داخل ڪري آرڊر گهر ويٺي ملي ويندو هو.

اهڙي ڦرلٽ جو مثال جيڪو قانون کي استعمال ڪري ڪيو ويو هجي ان جو اڳ ۾ ملڻ مشڪل آهي، باقي 20 سيڪڙو نوڪريون جيڪي سنڌ جي لاءِ رکيون ويون انهن ۾ به پٺاڻن ۽ بلوچن جو وڏو تعداد  شامل هو، ڪجهه پنجاب جا ماڻهو جيڪي پاڪستان کان اڳ انگريزن جي دور ۾ آيا هئا، جن کي سنڌ جون زمينون انعام طور ڏنيون ويون، جيڪو سلسلو پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ به جاري رهيو، ان تي الڳ معلوماتي ۽ تاريخي ڪالم لکڻ جي پڻ ضرورت آهي. اهڙي طرح سنڌ جي ڪوٽا ۾ سنڌي، بلوچ، پٺاڻ ۽ پنجابي ۽ ڪجهه سرائيڪي شامل هئا. وري 25 سيڪڙو نوڪرين جي ڪوٽا پنجاب کي ڏني ويئي جنهن ۾ سرائيڪي بيلٽ جا ماڻهو پڻ شامل هئا، هڪڙي پاسي پنجاب کي ڪل 25 سيڪڙو ليڪن هندستان مان هجرت ڪري ايندڙن لاءِ ڪوٽا 20 سيڪڙو هئي جيڪا رڪارڊ مطابق لياقت علي خان جي پاليسي تحت ڪوٽا مقرر ڪئي ويئي جنهن جو نقصان سنڌ جي ٻن نسلن تائين برداشت ڪرڻو پيو. ليڪن هاڻ انهن جا نمائندا ڪهڙي منهن سان ڪوٽا سسٽم جو نفاذ ڪندڙ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ٿا سمجهن؟ ڀٽي صاحب ته ان ۾ صوبن جي حقن کي مد نظر رکندي لياقت علي خان جي تعصب پرست ڪوٽا سسٽم کي سڌاريو ۽ سولو ڪري نافذ ڪيو جنهن تي هنن جي هائي گهوڙا جاري آهي.

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌي وفاقي توڙي صوبائي بيوروڪريسي ۾ نه هئڻ جي برابر ان ڪري به هئا جو لياقت علي خان جي ويجهو سمجهيو ويندڙ پوري جو پورو حلقو هجرت ڪري ايندڙن جو هو ۽ وڌيڪ نوڪريون هجرت ڪرڻ وارن جي حصي ۾ آيون جيڪي وري فيصلا ڪندڙ ادارن تي اثر انداز هئا، جنهن ڪري سنڌين ۾ ملڪ ٺهڻ کان وٺي احساس محرومي جو گهرو اثر رهيو. ليڪن مان حيرتناڪ حد تائين اهو به سمجهڻ کان قاصر آهيان ته ان وقت سنڌ جا قومي ۽ سياسي اڳواڻ ايڏي وڏي ناانصافي تي به خاموش ڇو هئا؟ سواءِ ايوب کهڙي جي! ان سوال جو جواب به تلاش ڪري تاريخ کي درست ڪرڻ جي ضرورت آهي ته سنڌين جي حقن ۽ مفادن لاءِ ڪو آواز بلند ڪرڻ وارو آخر ڇو نظر نه آيو. ان وقت ايوب کهڙي اهڙي فيصلي جي مخالفت ڪئي ته لياقت علي خان مسلم ليگ سان تعلق رکندڙ ايوب کهڙي کي 23 اپريل 1948ع تي سنڌ جي وڏ وزارت تان هٽائي ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته ان لياقت علي خان جي اهڙن ڪڌن عملن جي مخالفت ڪئي. شايد اوهان تاريخ جي ان باب کي نه پڙهيو هجي ته مسلم ليگ سان ئي تعلق رکندڙ سنڌ جي وزيراعليٰ ايوب کهڙي کي هٽائڻ جو بنياد اهو هو ته ان سرڪاري ٽائپ رائٽر چوري ڪيو جنهن جي ڪري سندس حڪومت  ختم ڪئي وئي ۽ ايوب کهڙي پنهنجي بي گناهي سپريم ڪورٽ ۾ وڃي ثابت ڪئي. لياقت علي خان هجرت ڪرڻ وارن جي مفاد ۾ جيڪي قانون نافذ ڪيا ان جو مقصد اهو هو ته هو هتي مقامي ماڻهن جي مقابلي ۾ مضبوط ٿين ۽ ٻيو ته لياقت علي خان کي هتي پنهنجو هڪ الڳ چونڊن جو حلقو پڻ ٺاهڻو هو ته جيئن هو ايندڙ اليڪشن ۾  سوڀارو ٿي سگهي.

هن مضمون ۾  مون هندستان مان هجرت ڪندڙن جي اڳواٽ پلاننگ يا انهن جي ليڊرن جي سنڌين خلاف سازشن جي فقط هڪ نقطي کي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جيڪو نوڪرين جو ڪوٽا سسٽم، جنهن بابت  هي واويلا ڪندا پيا اچن جڏهن ته ايندڙ مضمون ۾ ڪجهه وڌيڪ حقيقتن تي ٻڌل راز عيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي ته جيئن ايندڙ نسلن کي پتو پئجي سگهي ته سنڌ ۾ هجرت جي نالي تي هلان ڪندڙ پناهگيرن سنڌين جي مستقل مفادن کي ڪهڙي ريت پنهنجي پيرن هيٺيان لتاڙيو آهي!