حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌو درياهه تي ڪئنال جوڙڻ واري منصوبي خلاف 24 نومبر تي سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو ۽ 8 ڊسمبر تي لکين سنڌي مرد ۽ عورتون ڦوهارا چوڪ ڪراچي ۾ گڏ ٿي احتجاج ڪندا. حڪمران سنڌين کان سنڌو درياهه کسڻ چاهين ٿا. مختلف ڪئنال جوڙي سنڌو کي سڪائي سنڌ کي بنجر بڻائڻ جي سازش رٿي وئي آهي جيڪا سنڌي قوم ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي. هڪ بيان ۾ هن چيو ته پارا چنار ۾ پيش آيل واقعي افسوس جو اظهار ڪندي ان کي حڪمرانن جي ناڪامي ۽ نااهلي قرار ڏيندي چيو ته پاراچنار واقعي حڪمرانن جي اصليت ظاهر ڪري ڇڏي آهي. عوام جي جان جو تحفظ رياست جي ذميواري آهي جنهن ۾ حڪمرانن مڪمل ناڪام ٿيا آهن. واقعي ۾ شهيد ٿيندڙن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪندي هن چيو ته زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آهيون ۽ مطالبو ٿا ڪريون ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري سخت سزائون ڏنيون وڃن.