نون ڪئنالن خلاف ڪيو اي ٽي جو غوثپور ۽ ڳڙهي خيرو کان ڪنڌڪوٽ تائين مارچ

0
22
نون ڪئنالن خلاف ڪيو اي ٽي جو غوثپور ۽ ڳڙهي خيرو کان ڪنڌڪوٽ تائين مارچ
نون ڪئنالن خلاف ڪيو اي ٽي جو غوثپور ۽ ڳڙهي خيرو کان ڪنڌڪوٽ تائين مارچ

ڪنڌڪوٽ/غوثپور/ڳڙهي خيرو(نمائندن وٽان) ڳڙهي خيرو ۾ قومي عوامي تحريڪ طرفان سنڌو درياءَ مان 6 تڪراري ڪئنال ڪڍڻ خلاف 5 ڪلو ميٽر پيدل مارچ ڪري جاويد جمالي، نياز علي عمراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شھدادڪوٽ باءِ پاس پنج گلي چوڪ تي احتجاج ڪيو ويو،  غوثپور ۾ قومي عوامي تحريڪ طرفان سربراهه اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ شھر جي بس اڏي واري علائقي کان دولي چوڪ موڙ تائين سوين ماڻھن جي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ٻي طرف قومي عوامي تحريڪ جو قافلو ڪنڌڪوٽ پهچڻ تي جلسو ڪوٺايو ويو، جلسي کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجو چيو تهاو زرداري اسان سڀ سنڌين کي چڳي ريت خبر آهي ته پنجاب کي سنڌ مٿان 6 ڪئنال ٺهڻ جي اجازت تون ڏني آهي، آصف علي زرداري هن وقت سنڌ سراپا احتجاج ۽ جدوجهد ۾ آهي هاڻي ڪيتريون به صفايون ڏيو اوهان سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو سودو ڪيو آهي. هن چيو ته  سنڌو درياهه مان نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف ڀرپور تحريڪ هلائي رهيا آهيون، هن چيو ته ڪنڌڪوٽ واسيون جي جيڪڏهن امن امان حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته هاءِ  ويز بند ڪري ويهو ڏسو ته ڪئين اوهان کي امن ٿو ملي.هن چيو ته خوني جهيڙن ۾ ماڻهو قتل ٿين ٿا، خوني جهيڙا ختم ڪرائڻ پوندا ته جئين مستقبل جي معمار ٻارڙن جي هٿن ۾ هٿيارن بدران قلم هجڻ گهرجي..هن چيو ته ڪنڌڪوٽ واسي هتان لڏپلاڻ ڪري انڊيا وڃي رهيا آهن انهن کي سمجهڻ گهرجي ته انڊيا اوهان کي 50 سالن تائين تسليم نه ڪندي ڀل اُتي اوهان ڪيتريون به صفايون ڏيو ان لاء اوهان لاء بهتر اهو رهندو ته ڪنڌڪوٽ ۾ رهڻ پسند نه پيا ڪريو ته سنڌ جي ٻين علائقن کي آباد ڪريو ڪراچي حيدرآباد سکر ميرپورخاص نوابشاه کي آباد ڪريو اُتي پنهنجو روزگار ڪريو پر اها ڪهڙي ڳاله آ جو ڪنڌڪوٽ کان لڏپلاڻ ڪري سُڌو اوهان انڊيا پيا هليا وڃو هن چيو ته تبديلي چاهيو ٿا ته پنهنجي علائقن ۾ جن کي اوهان ووٽ ڏنو ڏسو پاڻ ۾ ته اوهان جو هنن ڪهڙو قدر ڪيو، ڪهڙا ڪم ڪرايا، ڇا اوهان جي ڏک سک ۾ هو موجود رهيا.