ڪراچي (رپورٽ : فقير سليم) رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ڪئنالن واري معاملي تي بي بنياد بحث ڇيڙيو ويو آهي، پنجاب ٻئي ڪنهن به صوبي جو پاڻي نه پيو کڻي، 91ع واري ٺاهه جي موجودگيءَ ۾ ڪوبه صوبو ٻئي پرڳڻي جو پاڻي کڻي نٿو سگهي، سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ وارو معاملو بي بنياد آهي، ڪئنالن واري معاملي تي حڪومتي اتحاد کي ڪوبه خطرو ناهي، ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ڪئنالن جي اڏاوت واري معاملي تي سنڌ ۾ ٿيندڙ عوامي احتجاج بي بنياد آهي، فوڊ سيڪيورٽي لاءِ ڪئنالن جي اڏاوت لازمي آهي، هن چيو ته نواز حڪومت 1991ع ۾ پاڻي ٺاھه ڏنو، جنهن تحت ڪو به صوبو ٻئي پرڳڻي جو پاڻي نٿو کڻي سگھي، اسان انصاف ڀري پاڻي ورڇ لاءِ ٽيلميٽري سسٽم لڳايو، ارسا جھڙو ادارو جوڙيو، جنهن ۾ سڀني صوبن جا نمائندا آھن، اھو آئيني ادارو سي سي آءَ جي ماتحت ڪم ڪري ٿو، هن چيو ته ڪلائميٽ چينج ( موسمياتي تبديلي ) سان نه رڳو ٻوڏ ايندي پر سوڪهڙو به ٿيندو، هن چيو ته اڳ ۾ به جيترو پاڻي مٿان کان ھيٺ آيو آھي، انھي کي ھر صوبي جي حصي مطابق ورھايو ويو آهي، ھن وقت به جيترو پاڻي دريائن ۾ايندو، اهو صوبن کي حصي موجب ملندو رھندو، هن چيو ته مستقبل لاءِ فوڊ سيڪيورٽي کي نظر ۾ رکندي منصوبا جوڙي رھيا آھيون، ھن چيو ته پ پ سان اھڙو ڪو اختلاف ناھي، جنهن سان اتحاد کي نقصان ٿيندو، بينظير ڀٽو جي ميثاق جھموريت تي پ پ ۽ نواز ليگ عمل ڪن پيا، ٻنھي پارٽين ميچوئرٽي تحت ملڪ جي ترقي لاءِ ڪم ڪيو آهي، ھن چيو ته پي ٽي آءِ پاڪستان کي اولهه بدنام ڪرڻ جي ھر فورم تي ڪوشش پئي ڪري، سندن اھڙي سياست مذمت لائق آھي، عمران خان سياسي قيدي نه پر ڏوھاري آھي، هو عدالتن ذريعي آزاد ٿي سگھي ٿو حڪومت پي ٽي آءِ باني کي آزاد نٿي ڪري سگهي، پي ٽي آءِ وارا چاهين ٿا ته ايگزيڪيوٽو آرڊر سان باني کي آزاد ڪيو وڃي، پي ٽي آءِ وارا جرئت ڪري چون ته کين اين آراو کپي، هن چيو ته اڙان پاڪستان منصوبي تحت ملڪ جي ھر علائقي جي ترقي ٿيندي، صوبن سان ملي ڪم ڪنداسين.