ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نون ڀرتي ٿيل 90 جوڊيشل مئجسٽريٽن جي پهرين پوسٽنگ ٿي وئي، 30 جج ڪراچي ۾ مقرر، ان ڏس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي نوٽيفڪيشن موجب 90 نون مئجسٽريٽن جي مقرري ڪئي وئي آهي، ڪراچي جي عدالتن ۾ 30 مئجسٽريٽ مقرر ڪيا ويا، نثار چانڊيو کي جوڊيشل مئجسٽريٽ اولهه، نويد شريف ۽ زاهد حسين ڪنڀار کي جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ، اشفاق ۽ محمد رضا کي جوڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر مقرر ڪيو ويو آھي.