ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ پوليس جي تازو ترقي ماڻيندڙ انسپيڪٽرن کي 2 سالن لاءِ انويسٽيگيشن شعبي ۾ بدلي ڪرڻ وارو معاملو، ريڪروٽمينت رولز ڪاميٽي ترقي ماڻيندڙن انسپيڪٽرن کي 2 سالن لاءِ انويسٽيگيشن شعبي ۾ مقرر ڪرڻ جو شرط ختم ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان ايڊيشنل آئي جي اسٽيبلشمينٽ طرفان ايڊيشنل آئي جي ڪراچي ۽ سمورن ريجنن کي خط لکي آگاهي ڏني وئي. خط جي متن موجب ريڪروٽمينت رولز ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾  ترقي ماڻيندڙ انسپيڪٽرن کي 2 سالن لاءِ انويسٽيگيشن شعبي ۾ مقرر ڪرڻ جو شرط ختم ڪيو ويو، ڪاميٽي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته انسپيڪٽر ڊي ايس پي طور ترقي ماڻڻ تائين ڪي به 25 ڪيسن جي جاچ ڪندا، لاڳاپيل ڊي آئي جيز انهن انسپيڪٽرن کان آپريشن يا انويسٽيگيشن شعبي ۾ خدمتون وٺي سگهن ٿا، پر انهن کي بطور انسپڪٽر 25 ڪيسن جي لازمي جاچ ڪرڻي پوندي. اجلاس ۾  اي ايس آئي، سب انسپيڪٽر ۽ انسپيڪٽرز وارا معاملا گهرو کاتي کي اماڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو.