ڪراچي (م ڊ) جڳ مشهور آمريڪي فلسفي نوم چومسڪي جي گهرواري مڙس جي لاڏاڻي جي خبرن کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا موجب، آمريڪي فلسفي جي گهرواري جو چوڻ آهي ته نوم چومسڪي زنده آهي ۽ سندس لاڏاڻي جي خبرن ۾ ڪا به سچائي نه آهي. هن چيو ته نوم چومسڪي کي برازيل جي هڪ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو ۽ هاڻ سندس صحت ۾ بهتري اچي رهي آهي. ياد رهي ته نوم چومسڪي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي ظلمن ۽ ڀارت ۾ وڌندڙ اسلاموفوبيا خلاف ڪيئي ڀيرا مختلف پليٽ فارمز تي آواز اُٿاري چڪو آهي.