نوشھروفيروز (رپورٽر) اين پي پي چيئرمين مرتضيٰ جتوئي ۽ ٻيا نوشهروفيروز جي  دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ٿيا، عدالت پاران ٻڌڻي 12 جولاءِ تائين ملتوي ڪئي وئي، مرتضيٰ جتوئي دادو ضلعي جي اميناڻي ٿاڻي تي داخل پوليس تي حملي واري ڪيس ۾ پيش ٿيو، دادو ضلعي مان جوابدار غلام مصطفيٰ جتوئي سميت ٻيا پڻ پهتا هئا، اميناڻي ٿاڻي ۾ پوليس سان مقابلي جي ڪيس ۾ مرتضيٰ جتوئي تي چرچ جو الزام آھي، مرتضيٰ جتوئي چيو ته اميناڻي ٿاڻي واري ڪيس دوران مان نارا جيل ۾ ھئس ته بڇ ڪيئن ڏني، جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد ٻيو جوابدار غلام مصطفيٰ جتوئي پڻ جيل ۾ ھو، مرتضيٰ جتوئي چيو ته منهنجي خلاف سڀ ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.