خيرپورناٿن شاھه(رپورٽ: ارشاد کوسو) خيرپورناٿن شاھه نيوآباد ڪالوني جي رهواسي پورهيت رسول بخش ٻٻر بلوچستان جي علائقي کاران ۾ نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويو ، مقتول پورهيت رسول بخش ٻٻر ولد عبدالله ٻٻر جو مڙهه بلوچستان جي علائقي کاران مان خيرپورناٿن شاهه جي نيو آباد ڪالوني آندو ويو، مقتول پورهيت جو مڙهه گهر پهچڻ تي گهر  ۾ روڄ راڙو ڪهرام مچي ويو، علائقي ۾ سوڳ ڇائنجي ويو، مقتول جي ڀائرن عبدالرحيم ٻٻر ميديا کي روئيندي ٻڌايو ته اسان جو ڀاءُ رسول بخش ٻٻر بلوچستان جي علائقي کاران ۾ ٽوپين جو ڪاروبار ڪندو هيو جنهن کي هٿياربندن گوليون هڻي بيگناه قتل ڪيو هن دانهيو ته  اٺ مهينا اڳ اسان جي پيءٌ ۽ ڀاءُ عبدالوحيد کي بلوچستان جي نوشڪي شهر ۾ قتل ڪيو ويو هئو جيڪو پڻ اتي ٽوپين جو ڪاروبار ڪندو هئو، هنن چيو ته اسان جي ڪنهن سان دشمني ناهي، هٿياربندن اسان جي ڀاءُ رسول بخش کي بيگناهه قتل ڪيو  آهي بلوچستان جي شهر کاران جي بازار ۾ ٽوپيون وڪرو ڪري رهيو هئو ته نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو بلوچستان ۽ سنڌ حڪومت نوٽيس وٺي ڀاءُ کي قتل ڪندڙ هٿياربندن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي مقتول جي پيرسن امڙ اوڇنگارون ڏئي روئيندي رهي مقتول جي جنازي نماز ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي مقتول جو مڙهه آلين اکين جي موجودگي ۾ ڪاڇي جي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.