لاڙڪاڻو(رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻو پوليس طرفان ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي جي چانڊڪا اسپتال ۾ محفوظ ڪيل ثواب سيمپل هاڻي ٻيهر ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ سنڌ کان ٻاهر سرڪاري فارنزڪ ليب کي اماڻي ڇڏيا آهن. ايس ايس پي لاڙڪاڻو چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال جي ميڊيڪل سپريٽنڊنٽ کي خط لکيو هو، جنهن بعد پوليس سرجن طرفان سيمپل پوليس جي جاچ ٽيم حوالي ڪيا ويا هئا. نئين ڊي اي رپورٽ اچڻ تي ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي جي حتمي پوسٽ مارٽم رپورٽ جڊيشل انڪوائري ۾ جمع ڪرائي ويندي جنهن کان پوءِ انڪوائري آفيسر ڇھون ايڊيشنل اينڊ سيشن جج لاڙڪاڻو ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي جي جڊيشل انڪوائري مڪمل ڪري رپورٽ به جاري ڪندي. واضع رهي ته لمس ڄامشورو طرفان ڊاڪٽر نوشين جي ڊي اين اي رپورٽ پڌري ڪئي جنهن ۾ ڊاڪٽر نمرتا ڪماري ۽ ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي جي ڪپڙن مان ساڳي ئي مرد جو ڊي اين اي ملڻ جي تصديق ڪئي جنهن تي يونيورسٽي انتظاميه اعتراض ڪندي ٿرڊ پارٽي کان ڊي اين اي ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو هو. ذريعن موجب جيڪڏهن ڊي اين اي رپورٽ لمس ڄامشوري جي رپورٽ کان مختلف آئي ته يونيورسٽي انتظاميه طرفان لمس جي رپورٽ کي رد ڪرڻ سان گڏ لمس انتظاميه خلاف ڪارروائي جا به امڪان آهن.