نوشهروفيروز(رپورٽر) نوشهروفيروز باءِ پاس تي حادثي ۾ ھڪ ڄڻو فوت ۽ ھڪ زخمي ٿي پيو، حادثو موٽر سائيڪل سوارن کي ڪوچ جو ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ پيش آيو، حادثي ۾ ھڪ ڄڻو محمد حاڪم ٻاٽ ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ايوب ٻاٽ زخمي ٿي پيو، فوتي جو لاش ۽ زخمي کي سول اسپتال نوشهروفيروز آندو ويو، جتان فوتي جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته زخمي جو علاج جاري آهي.