نوشهروفيروز(رپورٽر) نوشهروفيرو ۾ ٻن سالن جو ٻارڙو گٽر ۾ ڪري فوت ٿي ويو، ان ڏس ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته ٻن سالن جو ٻارڙو واحد وقاص ميمڻ گھر جي ٻاھران راند ڪري رھيو ھو ته اوچتو کليل گٽر ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو، ٻالڪ جي وارثن پاران ڳولا ڪرڻ بعد ٻارڙي جو لاش گٽر مان ھٿ آيو، لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، ٻالڪ جي والد وقاص ميمڻ ٻڌايو ته گھر ٻاھران وڏو کليل نالو آھي، جنھن بابت شڪايتون ڪيون آھن ته معصوم ٻار گٽر ۾ ڪرندا پر ڪنهن به ڌيان نه ڏنو، واضح رهي ته شھر جي اڪثر علائقن ۾ گٽرن جا ڍڪ ڀڄي پوڻ سبب گٽر کليل آھن.