نوشھروفيروز (رپورٽر) نوشهروفيروز ۾ فوتي ڪوٽا تي پابندي خلاف آل سنڌ فوتي ڪوٽا ايڪشن ڪاميٽي پاران احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ان موقعي تي عبدالراشد پلھه، سيد سعيد شاهه، ريحان ٻٻر، دانش ملڪ، ثمين پلھه ۽ ٻين چيو ته صرف فوتي ڪوٽا تي پابندي لڳائي وئي آھي، جڏھن ته شھيد ڪوٽا تي پابندي نه لڳائي وئي آھي، فوتي ڪوٽا جو سسٽم شھيد ڀٽو آندو جيڪو اسيمبلي مان 1974ع ۾ قانون پاس ڪرايو ويو ھو، هنن مطالبو ڪيو ته فوتي ڪوٽا تان پابندي ختم ڪئي وڃي.