نوشهروفيروز(رپورٽر) نوشهروفيروز ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ابڙان پاران تعليمي ماهر قومي، مزاحمتي، عوامي، شاعر، اديب، ٻولي ماھر محمد صالح ثاقب سومرو جي چوٿين ورسي هاءِ اسڪول ابڙان ۾ ملهائي وئي. ورسي کي خطاب ڪندي جيئي سنڌ محاذ جي جنرل سيڪريٽري هاشم کوسو، سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري زاهد راڄپر، مظهر خاصخيلي، راڻا شير محمد، جسقم اڳواڻ ڪامريڊ اياز راڄپر، تعليمي ماهر غلام علي سومرو، سيد جعفر شاھه، گل بهارمري، ترقي پسند پارٽي جي ڪامريڊ حبيب مشوري، محرم چنو، استاد ولي محمدخاصخيلي، استاد سڪندر پنھور ، محمد نواز سومرو، ثاقب جي پٽ ذوهيب سومرو ۽ ٻين چيو ته ثاقب سومرو سنڌ جو سرمايو ھو کيس سنڌ ۽ ان جي رهواسين سان عشق هو. هن پنهنجي سموري ڄمار سنڌ جي خوشحالي لاءِ جدوجهد ڪئي، اڄ ابڙان شھر اداس آھي، ڇاڪاڻ ته ثاقب سومري جا ٽھڪ ۽ ڪچهريون ابڙان کان موڪلائي ويون آھن. ساھتي پرڳڻو ھڪ مھمان نواز، پر خلوص، محبت، پيار، پاٻوھ سان ڀرپور شخصيت کان خالي ٿي ويو آهي. هنن چيو ته سنڌ جي ناليواري فنڪار ممتاز لاشاري پنهنجي آواز ۾ ثاقب سومري جا ڪيترائي گيت، ڪافيون، غزل ڳايا آهن جن ۾ سندس قومي گيت بي درد ڪهن ٿا پيا اولاد اٻوجهن جو، يا رب نه سڻي ٿو ڪو فرياد اٻوجهن جو ضياءُ الحق جي مارشلا واري دور ۾ ڳايو جيڪو پوءِ ڪافي فنڪار ڳايو ۽ ان کان سواءِ سندس شاعري جو ھڪ مجموعو لوساٽيل لالاڻ شايع ٿي ڪتاب واري صورت ۾ اڄ به اسان وٽ موجود آهي ، باقي سندس شاعري جا ڪيترائي مجموعا غربت سبب ڇپجي نه سگھيا آهن جڏھن ته ثاقب سومرو ابڙاني پنهنجي سموري ڄمار جي ايم سيد جي فڪر جو پيروڪار رهيو ۽ استادن جي حقن جي لاءِ پڻ راشد مورائي، مسرور پنائي، حافظ محمد بخش خاصخيلي سان گڏجي پ ٽ الف جي پليٽ فارم تان استادن جي حقن لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي
۽ هن ساهتي پرڳڻي ۾ انهن سان گڏجي جهرجهگ واهن وستي ڳوٺن ۾ ڪچهريون ڪري جيڪو شعور ڏنو آهي.