نوشهروفيروز(رپورٽر) نوشهروفيروز ويجهو ڳوٺ طالب الدين سولنگي واسي نينگر مبينا طور مسجد مان اغوا ٿي ويو، وارثن اهلڪار تي الزام هنيو آهي، نينگر جي اغوا خلاف سندس امڙ ۽ ٻين وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي نينگر جي امڙ دانھون ڪندي بيھوش ٿي وئي، ھوش ۾ اچڻ بعد مسمات ساجدهه ٻڌايو ته 4 سالا پٽ احسان علي ڀٽو ڀرواري مسجد ۾ ديني تعليم وٺي رھيو ھو ته پوليس اھلڪار فياض علي کيس مسجد مان اغوا ڪري ويو آھي، جنھن کي ھڪ ڏينھن ٿي ويو آھي پر پٽ کي بازياب ناهي ڪرايو ويو، ھن چيو ته پٽ جي بازيابيءَ لاءِ پوليس سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هن پٽ کي بازياب ڪرائڻ جي گهر ڪئي.