نوشهروفيروز (رپورٽر) نوشهروفيروز ويجهو ٻارڙن جي معمولي ڳالهه تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، 7 ڄڻا زخمي، خبر موجب مٺياڻي روڊ تي گرڊ اسٽيشن وٽ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو نديم کوسو ٿڏي تي مارجي ويو، جڏھن ته 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ ڪاشف، رونق، اوشاق، راجا، زاھد، علي گل ۽ ڌڻي بخش شامل آھن، اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته زخمين جو علاج جاري آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته واقعو ٻارڙن جي جھيڙي جھڙي معمولي ڳالھه تان پيش آيو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.