نوشهروفيروز (رپورٽ: زاهد راڄپر) نوشهروفيروز ويجهو تاڙ ۾ ويٺل هٿياربندن هٿان پسند جي شادي ڪندڙ نوجوان قتل، واقعي بعد جوابدار گهر خالي ڪري فرار، ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب ڳوٺ عرس سولنگي ۾ هٿياربندن پسند جي شادي ڪندڙ نوجوان دلاور سولنگي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو، نوجوان گھر مان زمين تي وڃي رھيو ھو ته سندس تاڙ ۾ بيٺل ھٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان ٿڏي تي مارجي ويو، اطلاع تي نوشهروفيروز پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان جو لاش گهر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، واقعي بعد جوابدار ڌر گھر خالي ڪري فرار ٿي وئي، پوليس موجب نوجوان ڪجھه مھينا اڳ پنھنجي ڳوٺ جي ناري سان پسند جي شادي ڪئي ھئي ۽ برادري جي زور پوڻ تي ناري کي مائٽن حوالي ڪيو ھو، مقتول جي وارثن رسول بخش سولنگي ۽ ٻين جا نالا جوابدار طور ڏنا آھن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.