نوشهروفيروز (رپورٽر)  ڪاليج روڊ جو رھواسي نينگر گم، وارثن کي اغوا جو شڪ، ان ڏس ۾  نينگر شفقت کوسو 8 ڏينھن اڳ کان پراسرار نموني گم آهي، ٻي طرف نينگر جي مبينا اغوا خلاف نينگرجي  والد شوڪت کوسو، کوسا  مومينٽ جي قادر بخش کوسو، احسان کوسو، منصور علي کوسو ۽ ٻين احتجاج ڪندي ٻڌايو ته نينگر   شفقت کي پاڙي جو رھواسي ڪم لاءِ گھران سڏي وٺي ويو هو، جنهن بعد نينگر گم آهي، اسان جي نينگر کي اغوا ڪيو ويو آهي، نوٽيس وٺي کيس بازياب ڪرايو وڃي.