نوشهروفيروز (رپورٽر) نوشهرو فيروز ۾ ڳوٺ گهيڙ گجو واسي اکين جي نور کان محرم ڳوٺاڻن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا پئسا نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهرين غلام شبير سومرو ۽ غلام مرتضيٰ سومرو دانهيندي چيو ته اسان اکين جي نور کان محروم آهيون اسان جي گهروارين کي بي آءِ ايس پي جي قسط گذريل ٻن سالن کان نه پئي ملي، جنهن سبب اسان فاقه ڪشي تي مجبور آهيون، هنن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ آفيس مسئلو حل ڪرائڻ لاءِ وڃون ٿا ته اتي روزانو ڪوڙا ڏٽا ڏئي موٽايو پيو وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي مسئلو حل ڪيو وڃي،