ڀرياسٽي (رپورٽ: آفتاب ڪيريو) نوشهرو فيروز ضلعي ۾ 16 اسڪول بند ۽ 55 استاد غيرحاضر هجڻ جو انڪشاف، رپورٽ اختيارين حوالي، خبر موجب تعليم کاتي ضلعي نوشھروفيروز جي بدترين ڪارڪردگي سامھون آئي آھي، ان ڏس ۾ ضلعي چيف مانيٽرنگ آفيسر ماجد علي طرفان ڊائريڪٽر جنرل ايم اينڊ اي ڪراچي ۽ ڊائريڪٽر شھيد بينظير آباد کي رپورٽ موڪلي وئي آهي جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته ضلعي نوشھروفيروز ۾ ھڪ هزار 930 پرائمري اسڪول آهن، رڳو هڪ ڏينهن دوران 129 سرڪاري پرائمري اسڪولن جو دورو ڪيو ويو، جنھن ۾ 9 استاد ٽيم کي ڏسي فرار ٿي ويا، جڏهن ته 55 استاد غير حاضر هئا ۽ 16 اسڪول مڪمل طور بند پيل هئا، جڏهن ته ڪيترن ئي اسڪولن ۾ ٻار استادن کان سواءِ تعليم پرائي رھيا ھيا، ضلعي نوشھروفيروز جي سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ سڄاڻ ڌرين اسڪول بند هجڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي بند پيل اسڪولن کي فوري طور بحال ڪري غير حاضر استادن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.