نوشهروفيروز(رپورٽر) سول اسپتال نوشهروفيروز جا ملازم ۽ ڊاڪٽر سيپڪو جا باقيدار نڪتا، ملازمن ۽ ڊاڪٽرن ڏانھن بجلي جا لکين رپيا بقايا رھيل ھجڻ واري لسٽ سيپڪو سب ڊويزن نوشھروفيروز پاران سول اسپتال نوشهروفيروز جي ايم ايس حوالي ڪئي وئي آھي. جڏھن ته ايم ايس باقيدارن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي آھي. ڄاڻايل لسٽ موجب مسمات انيلا ڏانھن 5 لک 40 ھزار 232، ڊاڪٽر فرح ڏانھن 2 لک، 53 ھزار 385، پ پ ايم پي اي مرحومه شھناز انصاري ڏانھن 8 لک 21 ھزار 345، ڊاڪٽر عبدالفتاح راڄپر ڏانھن 8 لک، 34 ھزار، 346، ڊاڪٽر پنھل پنھور ڏانھن 2 لک، 51 ھزار 724، ڊاڪٽر آصف راجپوت ڏانھن 20 لک، 7 ھزار 780، علي محمد ڏانھن 7 لک 72 ھزار 461، ڊاڪٽر مرتضي ڏانھن 4 لک 95 ھزار 560، اعظم ڀٽو ڏانھن 4 لک 25 ھزار 583، زبيده ڏانھن 5 لک 72 ھزار 788، محمد سفر ڏانھن 6 لک، 6 ھزار 649، ڊاڪٽر مرتضي لراء ڏانھن 3 لک 43 ھزار 900، شھربانو ڏانھن 5 لک 50 ھزار 195، سبحانہ ياسين ڏانھن 5 لک، 14 ھزار، 564، ڊاڪٽر علي اڪبر ميمڻ ڏانھن ھڪ لک، 92 ھزار، 853، نوران مقبول ڏانھن 6 لک، 81 ھزار، 993، ڊاڪٽر علي محمد راڄپر ڏانھن 5 لک 77 ھزار 856، ڊاڪٽر رفيق سولنگي ڏانھن 2 لک، 5 ھزار 799، خير محمد سھتو ڏانھن 6 لک، 52 ھزار 385، حزب الله راڄپر ڏانھن 7 لک، 38 ھزار 828، نواب الدين شيخ ڏانھن 5 لک، 82 ھزار 853، اسماعيل شيخ ڏانھن 6 لک، 75 ھزار 086، حميد پنھور ڏانھن 3 لک، 38 ھزار 029، ڊاڪٽر سندر لال ڏانھن 6 لک، 41 ھزار 220، ڊاڪٽر انور راجپوت ڏانھن 5 لک، 92 ھزار 950، ڊاڪٽر سعيد جلباڻي ڏانھن 5 لک، 61 ھزار 665 روپيا بقايا رھيل آھي. پ پ ايم پي اي مرحومه شھناز انصاري به باقيدارن ۾ شامل آھي ۽ مرحومه ڏانھن 8 لک 21 ھزار بقايا رھيل آھي. ٻئي پاسي ڪيترائي ملازم ۽ ڊاڪٽر بجلي جي بقايا ادا ڪرڻ بجاءِ رٽائرڊ ٿي ويا آھن. جڏھن ته ڪجھ ملازم ۽ ڊاڪٽر فوت ٿي چڪا آهن. سيپڪو سول اسپتال جي رھائشي ڪالوني جي بجلي ڪٽي چڏي آھي. ھوڏانھن سول اسپتال جي جنريٽر مان به ملازمن ۽ ڊاڪٽرن جي گھرن ڏانھن بجلي وڃڻ جو انڪشاف ٿيو آھي. جنھن بعد ايم ايس اسپتال جي جنريٽر مان ويندڙ تارون ڪٽرائي ڇڏيون آھن. ان سلسلي ۾ سول اسپتال نوشهروفيروز جي ايم ايس ڊاڪٽر مبين راجپوت ٻڌايو ته جنريٽر جي بجلي چوري ٿيڻ سبب جنريٽر تي لوڊ پٽي نه ٿو سگھي. ھن چيو ته ملازم ۽ ڊاڪٽر بقايائون جمع ڪرائين.