نوشهروفيروز (رپورٽر) نوشهروفيروز ويجهو ڪجھه ڏينھن اڳ جوابدار صدام کوسي پاران زيادتي جو نشانو بڻايل ڳوٺ ڇٽل راڄپر واسي 6 ڪلاس جي شاگردياڻي آمنا رند جي زندگي زھر بڻجي وئي آھي، نياڻي عدم تحفظ جو شڪار ھئڻ سبب ڊپريشن جو شڪار آھي ۽ پاڻ کي ھڪ ڪمري تائين محدود ڪري ڇڏيو آھي، جڏھن ته ميڊيا سان ڳالهائيندي متاثر نياڻي انڪشاف ڪيو ته جوابدار سندس ھٿ پير ٻڌي جنسي زيادتي ڪرڻ سان گڏ پنھنجي ھڪ دوست جي مدد سان اعتراض جوڳي وڊيو به ٺاھي ھئي، پھرين ڏينھن تمام گھڻو پريشان ھئڻ ۽ جوابدار پاران والدين کي نقصان پھچائڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ سبب خوف کان هن اھا ڳالھه ظاھر نه ڪئي، جنھن ڪري ھاڻي پوليس واقعي ۾ شامل ھڪ وڌيڪ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ سميت جوابدار جي موبائل ھٿ ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، ھن چيو ته جوابدار سندس زندگي تباھه ڪري ڇڏي آھي، ان کي سخت سزا ڏني وڃي، ھوڏانھن واقعي بعد نياڻي اسڪول وڃڻ ڇڏي ڏنو آھي، جنھن سبب نياڻي جي تعليم تباهه ٿي رھي آھي، هن چيو ته ھوءَ وڌيڪ پڙھڻ چاھي ٿي پر ظالم سماج ۾ گھمندا رھندا ۽ پوليس اسان کي تحفظ فراھم نه ڪندي، هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي، هوڏانهن متاثر نياڻي جي والد مور رند ۽ امڙ نسيم بيگم زارو قطار روئيندي ٻڌايو ته ظلم به اسان سان ٿيو آھي ۽ پريشان به اسان آھيون، گھر کان ٻاھر نه ٿا نڪري سگھون، نياڻي جي حالت ڏسي ھنجون ھاري رھيا آھيون، پر ڪير به اسان جي داد رسي ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، ٻئي پاسي جوابدار ڌر پاران ڪيس تان ھٿ نه کڻڻ سبب گذريل رات متاثر نياڻي جي گھر مٿان مبينا حملو ڪيو ويو، گھر تي فائرنگ ڪرڻ بعد جوابدار گھر ٻاھران زمين ۾ لڳل ٽيوب ويل جو موٽر ڪڍي فرار ٿي ويا.
واقعي بعد ڳوٺ جي 6 شاگردياڻين اسڪول وڃڻ ڇڏي ڏنو
نوشهروفيرو: واقعي سبب ڳوٺ ڇٽل راڄپر جي وڌيڪ 6 شاگردياڻين اسڪول وڃڻ ڇڏي ڏنو آھي، علائقي جي سماجي ڪارڪن ذوالفقار راڄپر ٻڌايو ته ڳوٺ ۾ پنجين ڪلاس تائين اسڪول آھي، جنھن ۾ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏ پڙھنديون آھن، پر پنجين درجي کانپوءِ تعليم جو شوق رکندڙ نياڻين کي ڳوٺ کان ٽي ڪلوميٽر پنڌ ڪري ڳوٺ اٽل ٻوھيو جي ھائير سيڪنڊري اسڪول ۾ وڃڻو پوي ٿو پر ھاڻي نياڻي آمنه واري واقعي بعد ڳوٺاڻن پنھنجي نياڻين کي اسڪول وڃڻ کان روڪي ڇڏيو آھي.
جوابدار ڌر معاملي کي راڄوڻي ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل
نوشهروفيرو: ذريعن وٽان معلوم ٿيو آھي ته جوابدار ڌر متاثر نياڻي واري معاملي کي راڄوڻي ذريعي ليئه مٽي ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آھي، جنھن ڪري جوابدار ڌر جا ماڻھو علائقي جي چڱن ڏانھن ميڙ وٺي وڃي رھيا آھن پر متاثر نياڻي جي والدين پاران راڄوڻي کان انڪار سبب والدين کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.