نوشهروفيروز (رپورٽر) ايس ايس پي سنگھار ملڪ مختلف 8 ڏوهارين مٿان هڪ ڪروڙ 70 لک رپين جي انعام جي سفارش ڪئي آھي، ان ڏس ۾ جوابدار رضوان عرف رضو شر مٿان 50 لک رپيا، عاقب ولد محمد موسى شر مٿان 30 لک رپيا، مظهر حسين ولد علي انور شر مٿان 20 لک رپيا، پنجل عرف شاهد ولد الله ورايو مري مٿان 20 لک رپيا، امداد عرف امدو ولد محمد علي بروهي مٿان 15 لک رپيا، عامر عرف سهيل ولد گلاب مري مٿان 15 لک رپيا، ڌڻي بخش عرف ڌنو ولد راحب شر مٿان 10 لک رپيا، غلام مرتضيٰ ولد ادريس لاکو مٿان 10 لک رپيا انعام جي سفارش ڪئي وئي آھي، ايس ايس پي پاران تجويز ڪيل سفارش عملدرآمد لاءِ اعليٰ اختيارين ڏانهن اماڻي وئي آھي.