نوشهروفيروز (رپورٽ: زاهد راڄپر) نوشهروفيروز شھر گندي پاڻي ۾ ٻڏي ويو، انتظاميا پاڻي نيڪال ڪرائڻ ۾ ناڪام، چيف آفيسر جي پوسٽ به ھڪ مھيني کان خالي پيل، شھري عذاب ۾ اچي ويا، تفصيل موجب انتظامي نااھلي سبب سڄي شھر ۾ گندو پاڻي بيھجي ويو آهي، ان ڏس ۾ شھر جا مک رستا، پڊعيدن روڊ، مٺياڻي روڊ، ٺاروشاھ روڊ، مين روڊ، ريلوي روڊ، ھيٺائين چوڪ، ڊاڪٽرز گھٽي، الله وارو چوڪ، انصاف چوڪ ۽ ٻيا گندي پاڻي جي لپيٽ ۾ آيل آهن، ٻڌايو پيو وڃي ته شھر جو ڊرينيج سسٽم مفلوج ٿيڻ ڪري گرلس هاءِ اسڪول وٽان سيوريج لائين ڦاٽي پئي آھي، جنھن کي ھڪ مھيني کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي پر انتظاميا ان کي ٺيڪ ناهي ڪرايو، شھر جي رستن تي گندو پاڻي بيھڻ سبب شهري سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته دڪاندارن جو ڪاروهنوار پڻ سخت متاثر ٿي رهيو آهي، شهرين گندو پاڻي نيڪال ڪرائڻ جي گهر ڪئي آهي، ٻئي پاسي ميونسپل آفيسر جي پوسٽ پڻ ھڪ مھيني کان خالي پيل آھي، جنھن ڪري انتظامي معاملا ھلائڻ مشڪل بڻيل آهن.