نوشهروفيروز(رپورٽر) ڳوٺ گهيڙ گجو جي برسات متاثر نابينن کي راشن ڏيڻ بجاءِ اي ڊي سي ون جي آفيس ٻاهران ويٺل پوليس اهلڪارن جو ڪٽڪو، نابين جو احتجاج، خبر موجب ڳوٺ گهيڙ گجو جي رهواسي اکين جي نور کان محروم محمد قاسم، غلام مرتضيٰ، غلام شبير، غلام رقيه، بلاول سومرو ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته سندن خاندان جا11 کان مٿي ڀاتي اکين جي نور کان محروم آهن، ڪالهه ڊي سي نوشهروفيروز جي آفيس ۾ وياسين جتي ڊي سي نه هو، جنهن بعد درخواست کڻي اي ڊي سي ون نوشهروفيروز ملڻ وياسين ته اتي موجود پوليس اهلڪارن اندر ڇڏڻ بدران تشدد ڪري ڌڪا ڏئي آفيس مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، هنن مطالبو ڪيو ته تشدد ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.