نوشهروفيروز(رپورٽ: زاهد راڄپر) نوشهروفيروز ۾ قديم ڪليڪٽر آفيس جي عمارت کي ميونسپل انتظاميا جي نااهلي تباهه ڪري ڇڏيو، ميونسپل انتظاميا قديم عمارت ۾ نيڪال جو پاڻي ڇوڙ ڪري ڇڏيو، شھرين ۾ ڳڻتي جي لھر، تفصيل موجب نوشهروفيروز ۾ قائم قديم ڪليڪٽر آفيس جي عمارت جيڪا بعد ۾ پاڪستان ٺھڻ بعد مختيار ڪار آفيس ۾ تبديل ٿي ھئي ھن وقت انتھائي زبون حالي جو شڪار آھي، ڪجھه عرصو سنڌ جي قديم آثارن واري کاتي پاران ھن عمارت کي قديم عمارتن ۾ شمار ڪيو ويو ھو، پر ان ھوندي انتظاميا عمارت کي محفوظ بڻائڻ لاءِ جوڳا قدم نه کنيا، عمارت جي اڃا تائين ڪنھن به سرڪاري کاتي مالڪي ناھي ڪئي، جنھن سبب عمارت رولو جانورن ۽ موالين جو آماجگاهه بڻجي وئي آھي، اڪثر شھر جا ھيروئني ھن عمارت کي استعمال ڪن ٿا، جڏھن ته رولو جانور پڻ عمارت ۾ ويٺل نظر اچن ٿا، جڏهن ته عمارت جي مالڪي نه ٿيڻ سبب عمارت گندگي جي ڍيرن ۾ تبديل ٿي وئي آهي، ٻئي پاسي 15 فيبروري 2025ع تي ڪمشنر شھيد بينظير آباد شھرين جي شڪايت تي نوشهروفيروز پھچي قديم عمارت جو دورو ڪندي انتظاميا کي عمارت جي مالڪي نه ڪرڻ تي ڇنڊ پٽيندي عمارت جي مالڪي ڪرڻ جي ھدايت ڪئي ھئي پر نوشھرو فيروز انتظاميا ڪمشنر جا حڪم ھوا ۾ اڏائي ڇڏيا ۽ عمارت جي ڪنھن به مالڪي نه ڪئي، ٻئي طرف ضلع انتظاميا توڙي قديم عمارتن واري کاتي پاران مالڪي نه ٿيڻ ۽ عمارت جي سار سنڀال نه ٿيڻ ڪري ميونسپل ڪاميٽي نوشھرو فيروز جي انتظاميا جي نااهلي قديم عمارت کي گندي پاڻي ۾ ٻوڙي ڇڏيو آھي، ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين ۽ ميونسپل آفيسر جي گڏيل غفلت سبب شھر جي گندي پاڻي جو ڇوڙ قديم عمارت ڏانھن ڪيو پيو وڃي، جنھن سبب عمارت جي اڱڻ، ڪمرن ۽ مسجد وٽ گندو پاڻي ھر وقت بيٺل رھي ٿو ۽ گندو پاڻي بيٺل ھجڻ سبب عمارت جي ڀتيون ڏينھون ڏينھن ڪمزور ٿي رھيون آھن.

ڪليڪٽر آفيس جي عمارت کي 2008ع ۾ باهه ڏئي ساڙيو ويو

نوشهروفيروز: قديم ڪليڪٽر آفيس جي عمارت کي 2008ع ۾ شھيد بينظير ڀٽو جي شھادتن بعد ٿيل واقعن ۾ باھه ڏني وئي، ان وقت ان قديم عمارت ۾ مختيار ڪار نوشهروفيروز جي آفيس قائم ھئي، جنھن سبب عمارت ۾ موجود روينيو رڪارڊ سڙي رک ٿي ويو، عمارت جو فرنيچر پڻ سڙي ويو پر عمارت انتھائي مضبوط طريقي سان ٺھيل ھجڻ ۽ عمارت جي ڇتين ۾ لوھه جو استعمال ھجڻ ڪري بچي وئي ھئي، مختيار ڪار آفيس ٻاھر منتقل ٿيڻ بعد عمارت جي وارثي ختم ٿي وئي ۽ ڏھه سالن کان وڌيڪ عرصو عمارت ويران ھجڻ بعد ھاڻي ميونسپل ڪاميٽي جي لاپرواهي سبب عمارت گندي پاڻيءَ جي گھيري ۾ اچي وئي آھي.

دنيا ۾ قديم عمارتن جي سار سنڀال ٿئي ٿي پر هتي ڪو وارث ناهي: اڳوڻو نائب ناظم

نوشهروفيروز: ميونسپل ڪاميٽي نوشهروفيروز پاران شھر جي قديمي عمارت ۾ گندي پاڻي جو ڇوڙ ڪرڻ تي شھرين ڳڻتيءَ جو اظھار ڪيو آھي، ان سلسلي ۾ شھر جي اڳوڻي نائب ناظم ۽ سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالقدير ميمڻ چيو ته افسوس آھي ته دنيا ۾ قديم عمارتن جي سار سنڀال لھي انھن کي اصل حالت ۾ رکيو ويندو آھي، پر ھتي ميونسپل ڪاميٽي جي نااهلي سبب ھڪ قديم عمارت کي تباھه ڪيو پيو وڃي، ھن چيو ته مون اعليٰ اختيارين ڏانھن تمام گھڻي لک پڙھه ڪئي آھي پر اختياريون توجھه ڏيڻ لاءِ تيار ناھن، ھن چيو ته قديم عمارت کي سنڀاليو وڃي، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ حسين سومرو چيو ته ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين ۽ ميونسپل آفيسر جيئن سڄي شھر کي ٻوڙي ڇڏيو آھي تيئن قديم عمارت به محفوظ ناھي رھي، جيڪو انتھائي افسوس جوڳو عمل آھي، دڪاندار اڳواڻ وزير وڳڻ چيو ته قديم عمارت شھر جي سونھن ھئي، جنھن کي ميونسپل انتظاميا جي لاپرواهي اجاڙي ڇڏيو آھي، ھن چيو ته سڄو شھر به گندگي جي ور چڙهي ويو آھي.