نوشهروفيروز (رپورٽر) نوشهرو فيروز ۾ ڳوٺ بچل پنھور جي وڏيري پاران گوليون ھڻي ٻارڙي کي قتل ڪرڻ ۽ ھڪ ڳوٺاڻي کي زخمي ڪرڻ وارق واقعي خلاف ڳوٺاڻن احتجاج ڪيو، ان موقعي تي شھباز پنھور، فھميد، مرتضيٰ، صدام پنھور ۽ ٻين چيو ته بااثر وڏيري رستي تي ڌوڙ ٿيڻ تي مڇرجي گوليون ھڻي ٻارڙي زائر علي کي قتل ۽ ڳوٺاڻي نظام الدين کي زخمي ڪيو، هنن چيو ته ٺاروشاھ پوليس ڪيس داخل ڪيو آھي پر جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هنن چيو ته بااثر جوابدار جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، ھنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.