نوشهروفيروز(رپورٽ: زاھد راڄپر) نوشهروفيروز ۾ پبلڪ اسڪول قائم ڪرڻ لاءِ 2007ع ۾ پڊعيدن روڊ سان ڪروڙين رپين جي لاڳت سان عمارت تعمير ٿي ھئي، عمارت تعمير ٿيڻ بعد بحريا فائونڊيشن بحريا ڪاليج قائم ڪرڻ لاءِ تعليم کاتي کان 7 سالن جي ليز تي پبلڪ اسڪول جي عمارت ورتي ھئي مگر ست سال پورا ٿيڻ باوجود بحريا فائونڊيشن نه وڌيڪ ليز ورتي نه ئي عمارت خالي ڪئي جنھن سبب نوشهروفيروز ۾ پبلڪ اسڪول قائم نه ٿي سگھيو. بحريا فائونڊيشن کان پبلڪ اسڪول جي عمارت خالي ڪرائڻ جي سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز ارسلان سليم جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو، جنھن ۾ ڊپٽي ڪمشنر ٻڌايو ته بحريا فائونڊيشن جي ليز جا ست سال پورا ٿي ويا آھن. ھاڻي عمارت خالي ٿيڻ گھرجي. ھن چيو ته افسوس آھي ته بحريا فائونڊيشن ڪيل معاهدي جي پاسداري نه ڪئي. جنھن ڪري ايڏي وڏي عمارت جي گھربل مرمت جو ڪم به تعليم کاتي ۽ ضلع انتظاميه کي سرانجام ڏيڻو پوي ٿو. ان ڪري بحريا فائونڊيشن ۽ تعليم کاتو موجوده صورتحال جو ٻيھر جائزو وٺن. ھوڏانھن بحريا فائونڊيشن ڪاليج جي ڊائريڪٽر ڪمانڊر فيصل جو چوڻ آھي ته اسان بحريا فائونڊيشن ڪاليج نوشهروفيروز ۾ بھتري آڻي رھيا آھيون ۽ ان سان گڏ بحريا ڪيڊٽ ڪاليج به قائم ڪري رھيا آھيون جنھن سان علائقي جي شاگردن کي بھترين تعليم پرائڻ ھو موقعو ميسر ٿيندو. ھن چيو ته ڪاليج کي بھتر کان بھتر سھولتون ميسر ڪنداسين. ان ڪري عمارت خالي نه ڪرائي وڃي. ٻئي پاسي سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالقدير ميمڻ ٻڌايو ته عدالت به بحريا فائونڊيشن جون درخواستون رد ڪري چڪي آھي. جنھن ڪري بحريا فائونڊيشن کي عمارت تي قبضو جاري رکڻ جو ڪوبه قانوني جواز ناهي رھيو، ھن چيو ته مون ان ڏس ۾ اعلي اختيارين کي درخواستون پڻ موڪليون آھن.