نوشهروفيروز (رپورٽر) نوشهروفيروز ويجهو ڳوٺ ولي محمد وسطڙو ۾ پئسن جي ڏيتي ليتي جي پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 8 ورهين جو سومر وسطڙو قتل ٿي ويو، جڏهن ته گوليون لڳڻ سبب اصغر،  صدام ۽ صداقت زخمي ٿي پيا، جن مان اصغر وسطڙو جي حالت خراب هجڻ ڪري کيس نوشهروفيروز مان نوابشاهه ريفر ڪيو ويو، ٻي طرف مقتول نينگر جي ڀاءُ وحيد علي وسطڙو پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته بابا اصغر وسطڙو کان چاچا پئسا ورتا هئا، جيڪي نه ڏيڻ تي ڪجهه عرصو اڳ جهيڙو ٿيو هو، جنهن جو ڪيس داخل ٿيڻ بعد چاچو اسان تي ناراض هو، جنهن اسان جي گهر تي تي هٿياربند وٺي حملو ڪيو آهي، فائرنگ ۾ منهنجو معصوم ڀاءُ قتل ٿيو آهي، جڏهن ته بابا اصغر ، ڀائر صدام ۽ صداقت وسطڙو زخمي ٿي پيا آهن، ٻي طرف واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.