نوشهروفيروز (رپورٽر) ڳوٺ جواڻ سولنگي جي رھواسڻ بيواھ عورت بااثر ماڻھن تي 2 پٽ گم ڪرڻ جو الزام هڻي ڇڏيو آهي، ان ڏس ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي بيواهه مسمات عنايت خاتون سولنگي موجب ته 27 آگسٽ تي بااثر گهر ۾ گهڙي مونکي تشدد جونشانو بڻائي ڪپڙا ڦاڙي تذليل جو نشانو بڻائڻ بعد منھنجي ٻن پٽن 15 ورهين جي دلشير ۽ 17 ورهين جي امير علي کي کنڀي کڻي ويا آهن، ھڪ پٽ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي ٻيو امير علي گم آهي، نوٽيس وٺي پٽن کي آزاد ڪيو وڃي.