نوشهروفيروز (رپورٽر) گرلس هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ داخل سوين شاگردياڻين کي  تعليمي سال شروع ٿئي 3 مھينا گذري وڃڻ باوجود ڪتاب نه ملي سگهيا، سنڌ حڪومت پاران مليل ڪتاب پرنسپال جي آفيس ۾ پيل، شاگردياڻين جي والدين ۽ سياسي سماجي ڌرين جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو، تفصيل موجب گرلس هائير سيڪنڊري اسڪول اندر پڙهندڙ سوين شاگردياڻين کي نئون تعليمي سال شروع ٿئي 3 مهينا گذري وڃڻ باوجود مختلف ڪورس کي پڙهڻ وارا سنڌ حڪومت پاران ملندڙ مفت ڪتاب ملي ناهي سگهيا، معلوم ٿيو آهي ته سنڌ حڪومت پاران مليل مختلف ڪورسن وارن ڪتابن جا بنڊل گرلس هائير سيڪنڊري اسڪول جي پرنسپال شائستا شيخ اسٽور روم ۾ رکرائي ڇڏيا آهن، جنهن جي اسڪول اندر پڙهندڙ محنتي شاگردياڻين وڊيو ڀري ميڊيا جي نمائندن ڏانهن موڪلي، جنهن ۾ مختلف ڪورسن جا ڪتاب بنڊلن جي صورت ۾ ٻڌل مختلف ٽيبلن کان سواءِ هيٺ پيل ڏسي سگهجن ٿا ۽ پرنسپال جي آفيس ۾ پڻ ڪتابن جو وڏو تعداد پيل نظر اچي رهيو آهي، شاگردياڻين چيو ته تعليم متاثر ٿي رهي آهي پر ان ڳالهه جي ڪنهن کي به پرواهه ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته ڪتاب جلد پڙهندڙ شاگردياڻين ۾ ورهايا وڃن، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو، اسڪول جي پرنسپال شائستا شيخ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي ته ڪتاب منهنجي آفيس ۾ پيل آهن، هن چيو ته ڪتاب منهنجي بدلي ٿي اچڻ کان اڳ ئي ورهائجي چڪا هئا، سڀني شاگردياڻين کي ڪتاب ملي چڪا آهن، هن چيو ته مون کي بدلي ٿي آئي 15 ڏينهن مس ٿيا آهن، ان ڪري وڌيڪ معاملن جي ڄاڻ ناهي، هن چيو ته اهڙين ڳالهين ۾ ڪا به سچائي ناهي ته ڪنهن کي ڪتاب ناهن مليا، هن چيو ته وڌيڪ معاملي کي ڏسنديس.