نوشهروفيروز (رپورٽر) ميونسپل ڪاميٽي نوشھرو فيروز جي چيئرمين ڊاڪٽر ڪاشف مصطفيٰ ميمڻ ۽ ميونسپل آفيسر وليد شوري وچ ۾ پيدا ٿيل اختلاف شدت اختيار ڪري ويا آهن، جڏھن ته پ پ قيادت پڻ اڃا تائين معاملي جو نوٽيس ناھي ورتو، چيئرمين ۽ ميونسپل آفيسر ۾ اختلافن سبب ميونسپل ڪاميٽي جو ڪار وهنوار ٺپ بڻيل آھي، سڄي شھر ۾ گٽر اٿلي پيا آھن، جنھن ڪري شھري وڏي عذاب کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن، هوڏانهن ميونسپل ڪاميٽي جا ڪائونسلر چيئرمين جي حمايت ۾ ميدان ۾ اچي ويا آھن، ان سلسلي ۾ ڪائونسلر معروف پيرزادو ۽ شاھنواز عمراڻي ٻڌايو ته ميونسپل آفيسر وليد شوري جي اچڻ سان بحران پيدا ٿيو آھي، ڇاڪاڻ ته وليد شورو چيئرمين کي ڪم ڪرڻ نه ٿو ڏئي، ماضيءَ ۾ به وليد شورو 60 لک روپيا ڪڍرائي بدلي ڪرائي ڀڄي ويو هو، ھاڻي به ڪرپشن ڪرڻ لاءِ آيو آھي، ھنن چيو ته سڄو شھر تباھ ٿي ويو آھي، شھر ۾ گندگي وڌي وئي آھي، پارٽي قيادت کي نوٽيس وٺڻ گھرجي، جيڪڏھن ميونسپل آفيسر وليد شورو بدلي نه ٿيو ته پوءِ شھر ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو ويندو، ڪائونسلر ۽ اڳوڻي چيئرمين خالد سھروردي چيو ته ھي آفيشل ميٽر آھي، جنھن کي حل ڪرڻ لاءِ ميونسپل ڪاميٽي جو اجلاس گھرايو وڃي، جيئن اجلاس ۾ کليل بحث ڪري مسئلي جو حل ڪڍي سگھجي، ھن چيو ته ميونسپل ڪاميٽي جا اجلاس نه ٿا گھرايا وڃن، جنھن سبب ھي مسئلا پئدا ٿي رھيا آھن، ٻئي طرف ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر ڪاشف مصطفيٰ ميمڻ چيو ته وليد شوري جو اچڻ وقت ئي رويو خراب ھو، ھن چيو ته شھر جا مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ مون ڪجھه خانگي ماڻھو ڊيلي ويجز تي رکيا جيئن شھر ۾ صفائي سٿرائي جو نظام بھتر رھي، ائين اسان 9 مھينا بھترين طريقي سان شھر ۾ صفائي ڪرائي، پر وليد شوري انھن جي بلن تي صحيح نه ڪئي، ھن جي ڪم جو طريقيڪار ئي الڳ آھي، ھن چيو ته مون ٻن ڏينھن جي مھلت ڏني آھي بعد ۾ پنھنجو فيصلو ڪنداسين، ھوڏانھن ميونسپل آفيسر وليد شوري چيو ته ھن جو چيئرمين سان ڪو به اختلاف ناھي، باقي معاملا ميڊيا تي آڻڻ نه ٿو چاھيان.

گاجي کهاوڙ: وائيس چيئرمين جا ٽائون چيئرمين تي ڪرپشن جا الزام

گاجي کهاوڙ (ن پ ا) گاجي کهاوڙ ٽائون ڪميٽي جي وائيس چيئرمين همٿ علي چانڊيو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ٽائون ڪميٽي گاجي کهاوڙ جي چيئرمين عوام جي لاءِ ايندڙ هر مهيني جي بجيٽ مان ڪرپشن ڪئي آھي هر مهيني ايندڙ بجيٽ هڙپ ڪئي وڃي ٿي، بجيٽ جو حساب ڪائونسلر کي نٿو ڏنو وڃي، جڏھن ته اسان آفيس اچون ٿا پر ٽائون چيئرمين ۽ ٽائون آفيسر آفيس نٿا اچن اسان آفيس روز اچي چڪر ڪاٽي هليا وڃون ٿا،هن وڌيڪ چيو ته گاجي کهاوڙ شهر جي صفائي نٿي ڪرائي وڃي، شهر گندگي جي ور چڙھي ويو آھي.ٻئي طرف ٽائون چيئرمين سيد ارشاد شاهه ٻڌايو ته شهر ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا آھن، شهر جي پنجن ئي وارڊن ۾ اسٽريٽ لائٽون لڳرايون آھن ۽ ڪراس به ٺهرايا آھن، منهنجي محنت عوام جي اڳيان آھي.