نوشهروفيروز (رپورٽر) يوسي بھلاڻي مان چونڊيل ميمبر ضلع ڪائونسل نوشھرو فيروز مختيار نانگور تي زنا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، ڪيس نوشھروفيروز ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ مسمات صوبيه قاضي فريادڻ آھي، فريادڻ ڄاڻايو آھي ته مختيار نانگور شادي جي بھاني ٻن سالن تائين زنا ڪئي ۽ بار بار چوڻ باوجود شادي نه ڪئي ۽ مختلف جڳهن تي رکيو، ٻئي پاسي ضلع ڪائونسل ميمبر مختيار نانگور جو چوڻ آھي ته ھو صوبيه نالي عورت کي نٿو سڃاڻي، مخالفن سياسي ساک خراب ڪرڻ لاءِ ڪيس داخل ڪرايو آھي، ڀلي لاچ ڪرائي وڃي.