نوشهروفيروز (رپورٽر) سول اسپتال نوشهروفيروز ۾ 8 گوسڙو ڊاڪٽر هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جيڪي ڊيوٽي ڪرڻ بجاءِ ٻين شھرن ۾ نجي اسپتالون ھلائي رھيا آھن، ان ڏس ۾ اهڙي نشاندهي ايم ايس مبين راجپوت ڪئي آهي، ايم ايس موجب سول اسپتال جي 8 گوسڙو ڊاڪٽرن ۾ پرويز شيخ، عمران خالدي، امجد حب، نعيم جلباڻي، عذرا پروين، حنا ميمڻ ۽ ڊاڪٽر آسيا اسماعيل شام،ل آهن، جن خلاف سيڪريٽري صحت سنڌ ڏانھن ليٽر لکي ڪارروائي جي گھر ڪئي آھي، ايم ايس ڊاڪٽر مبين راجپوت ٻڌايو ته جيسيتائين سول اسپتال ۾ ڊيوٽي تي آھيان، ويزا سسٽم ھلڻ نه ڏيندس ۽ ڪو به اثر رسوخ قبول نه آهي، هن چيو ته جيڪڏھن ڊاڪٽرن کي سول اسپتال ۾ رھڻو آھي ته کين هر صورت ڊيوٽي ڪرڻي پوندي.