حيدرآباد (بيورو رپورٽ)حيدرآباد جي عدالت تاريخي نور محمد هاءِ اسڪول جي دڪانن تي خلاف ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي. حيدرآباد جي تاريخي نور محمد هاءِ اسڪول جي 22 دڪانن تي 1978ع کان قبضو ڪري ويٺل دڪاندارن خلاف اسڪول جي اڳوڻي هيڊماستر اقبال جمالي ستين ايڊيشنل سيشن ڪورٽ حيدرآباد جي جج نياز حسين سومرو دڪاندار فريد الدين جي داخل ڪيل اپيل تي نور محمد هاءِ اسڪول جي انتظاميا جي حق ۾ فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي. واضح رهي ته نور محمد هاءِ اسڪول جا 22 دڪان 1978ع کان مختلف ماڻهن جي قبضي هيٺ هئا جيڪي هن وقت به دڪانن تي قابض ٿي ماهوار 500 کان 700 رپيا ڪرائي جي مد ۾ ادا ڪندا هئا جن خلاف اسڪول جي اڳوڻي هيڊ ماستر اقبال جمالي سول ڪورٽ حيدرآباد ۾ ڪيس داخل ڪرايو هو ۽ سول ڪورٽ دڪاندارن کي اسڪول جي مارڪيٽ خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. اهڙي فيصلي خلاف دڪاندار فريد الدين سيشن ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي هئي جنهن تي گذريل ڏينهن عدالت سول ڪورٽ وارو فيصلو برقرار رکندي دڪان خالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.