نوري ڄام تماچي جي ڪينجھر بي ڌيانيءَ جي ور چڙھيل

0
22
سنڌ جي زمينن کي تين وال ڪندڙ ۽ تاريخ تي ھڪ نظر

 تقريبن تاريخي ڍنڍون قدرتي ھونديون آھن، ارضياتي، جاگرافي ماھرن جي خيال مطابق ماضي ۾ هن دنيا تي مختلف وقتن تي چار وڏا برفاني طوفان آيا آهن ۽ ڌرتي هڪ وڏي عرصي تائين برف جي سمنڊ سان ڍڪيل رھي آھي، ان ڪري هتي فقط اھي جاندار زندھ بچيا آهن جن ۾ ٿڌ برداشت ڪرڻ جي سگھه آهي ۽ پوءِ جڏهن موسمي تبديلين ۽ ھڪ وڏي اٿل پٿل کان پوءِ سج نڪرڻ ۽ اس لڳڻ ڪري ڌرتيءَ تي موجود اهو برفاني سمنڊ آھسته آھسته ڳري ڳري هاڻوڪي سمنڊ جي جاءِ ورتي آھي تنهن کان پوءِ هن ڌرتي تي گاھ، وڻ ٽڻ پيدا ٿيڻ شروع ٿيا. اسين جيڪڏهن ڪنهن سٺي تهذيب جي ڳالھه ڪنداسين ته اتي ڪنهن درياءَ يا آبي ذخيري جو تصورضرور ايندو، منهنجي خيال ۾ ڪنهن درياءِ يا آبي ذخيري کي جيڪڏھن تهذيب جي ماءُ سڏجي ته ڪو وڌاءُ ڪونه ٿيندو ڇو ته دنيا جي گهڻي ڀاڱي پراڻن شهرن جا آثار دريائن جي ڪنارن تي مليا آهن. هتي آئون اھڙي ئي تاريخي ڍنڍ ڪينجھر جو ذڪر ڪنداس جنهن ۾ ڪيتريون ئي تهذيبون سمايل آهن، پر افسوس اسان جي عالمن ھن تي جيتري تحقيق ٿيڻ گھرجي سا ڪانه ڪئي آھي. ڪينجهر ڍنڍ ٺٽي کان اتر پاسي حيدرآباد ۽ ٺٽي کي ملائيندڙ روڊ جي پاسي ۾ مٺي پاڻيءَ جي ڍنڍ آهي. جيتوڻيڪ هن ڍنڍ جي وجود بابت ڪا پڪي تاريخ نه ملي سگهي آهي، ھا ڪجھه حوالا مليا آھن ته محمد بن قاسم جي لشڪر ھتي ڪجھه قيام ڪيو آھي ان مان اندازو ٿئي ٿو ھن ڍنڍ جو وجود ڪافي پراڻو آھي. هي ڍنڍ شروعاتي دؤر ۾ جبلن مان نئين ذريعي ايندڙ مينهن جي پاڻي سان ڀرجندي هئي، جڏھن سنڌو درياهه موج ۾ ايندو ھو ان مان نڪتل واھڙن جو پاڻي به منجھس پوندو رھيو آھي. جڏهن ته 1956ع کان 1958ع تائين هن ڍنڍ کي وڏا بند ٻڌي ڪي بي فيڊر ذريعي سنڌو دريا جي پاڻي سان ڀرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو جنهن کان پوءِ 1976ع ۾ ڍنڍ جي پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش وڌائي وئي ۽ پوءِ هي ڍنڍ مٺي پاڻي جي هڪ وڏي ذخيري جي شڪل اختيار ڪري وئي. هينئر هي ڍنڍ 130 چورس ڪلو ميٽرن تي پکڙيل آهي، ڍنڍ جي سراسري اونهائي 20 فٽ جڏهن ته وڌ کان وڌ اونهائي 34 فٽ آهي. ڍنڍ ۾ مجموعي طور تي 0.558 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش آهي. ڍنڍ 12 سو ڪيوسڪ پاڻي روزاني جي بنياد تي ڪراچي کي فراهم ڪرڻ کان سواءِ ضلعي ٺٽي جي شهرن کي پيئڻ ۽ پوکي راهي لاءِ چار هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪري ٿي. ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪرڻ واسطي 25.5 ارب رپين جي لاڳت سان ڪي فور منصوبي تي پڻ ڪم هلندڙ آهي، جنهن جي وسيلي ڪراچي کي روازاني جي بنياد تي 65 ڪروڙ گيلن پاڻي مهيا ڪيو ويندو. هن ڍنڍ سان سما خاندان جي بادشاھ ڄام تماچي ۽ سندس محبوبه راڻي نوريءَ جو جو عشقيه داستان واڳيل آهي. ڍنڍ ۾ ڄام تماچي ۽ نوري گڏجي ڪيترائي ڏينھن گھر نما ٻيڙي ۾ چڙهي مڇي جو شڪار ڪندا هئا، جنهن کي شاعرن جي سرتاج شاھ عبداللطيف ڀٽائي هن ريت ڳايو آهي:

مئي هٿ ۾ مڪڙي، ڄام هٿ ۾ ڄار

سارو ڏينهن شڪار، ڪينجهر ۾ ڪالهه هو.

ڪو جو ڪامڻ مي، آھي اکڙين ۾،

تن تماچي ڄام جو ناڀون پايو ني،

عشق ائن ڪري، جئن ڄارو ڄام ڪلھي ڪيو.

ڪينجھر ڍنڍ کي هڪ پاسي کان کجين جي تاڙي طور مشھور جهمپير جو تاريخي شهر آهي ته ٻئي پاسي کان سونڊا جو قديمي شهر قديمي قاضي به آھن جيڪي پراڻي دور جا صاحب قانون ھوندا ھئا. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ٿو ته هن ڍنڍ کي جهڙي طرح سان ترقي ڏيارڻ کپي ها حڪومت پاران هيستائين اھڙي ڪابه ڪوشش نه ڪئي وئي آهي. جيڪڏهن حڪومتون سنجيده ڪوششون وٺن ها ته اڄ هتي ڪيناڊا جي ٽورنٽو جهڙو شهر هن ڍنڍ جي پاسي کان هجي ها. هن ڍنڍ تي ڪيترن ئي محڪمن پاران مالڪي جي دعويٰ آهي جن ۾ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ، آبپاشي کاتو، سياحت ۽ ثقافت کاتو، جنگلي جيوت، فشريز وغيره شامل آهن پر هن ڍنڍ کي گدلاڻ کان بچائڻ لاءِ مٿيان سڀئي کاتا بلڪل ناڪام ويا آهن. هن ڍنڍ کي رامسر سائيٽ جو درجو مليل آهي پر هتي سياري جي موسم ۾ پکين جو شڪار بندوقن ۽ ونجھرن سان کلي عام ڪيو وڃي ٿو. جنگلي جيوت تي تحقيق ڪندڙ ادارن جي مطابق 1988ع ۾ ڍنڍ تي انڊس فلائي وي زون ذريعي ٿڌن علائقن کان 205000 مهمان پکي آيا هئا پر 2003ع تائين مهمان پکين جو تعداد گهٽجي 30600 ٿي ويو ان جو وڏو ڪارڻ کلي عام پکين جو شڪار ڪرڻ آهي. جڏهن ته هن ڍنڍ ۾ هر سال مڇي جو ٻيجو ته ڇڏيو وڃي ٿو پر ان جي ننڍي سائيز هجڻ جي ڪري انهن جي گهڻائي نسل ڪش مڇين ۽ ڏيڏرن جي خوراڪ بڻجي وڃي ٿي. ان کان سواءِ ڪوٽڙي ۽ نوري آباد جي صنعتي ايريا جي ڪارخانن جو فضلو ڇڏڻ سبب پاڻي جي جيوت کي ڪافي دفعا نقصان پهتو آهي. انهي سبب هن ڍنڍ جي پاسي کان رهندڙ 40 هزار ماهيگيرن جو روزگار به داءُ تي لڳي ويو آهي، جن مان ڪافي ماڻهو لڏ پلاڻ ڪري ابراهيم حيدري، ريڙهي مياڻ، مکي سانگهڙ ۽ حب ڊيم سميت ٻين هنڌن ڏانهن ويا آهن. هتي انٽري پوائنٽ تي سياحن کان پئسا وٺي سندن کيسو خالي ته ڪيو وڃي ٿو پر ڍنڍ جي ايريا ۾ ماڻهن لاءِ ڪو سهولتن جو خاص انتظام ڪونهي ۽ نه وري هتي پڪنڪ ملهائڻ لاءِ ايندڙن کي ڍنڍ اندر گاڏيون ۽ ڪپڙا ڌوئڻ ۽ پلاسٽڪ جو ٿيليون اڇلائڻ کان ڪو روڪڻ وارو آهي. جيڪو عمل سنڌ انوائرنمينٽل پروٽيڪشن ايڪٽ 2014 جي کلي ڀڃڪڙي آهي. ٻيو ته ٺهيو پر هتي جي انتظاميا هيستائين ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ڍنڍ جو سير ڪندڙن کي لائف جيڪٽ پائڻ جو مڪمل پابند به بڻائي نه سگهي آهي ۽ نه ئي ڍنڍ ۾ ٻڏندڙن کي بچائڻ لاءِ لائف سيونگ گارڊ ۽ ٻيو ريسڪيو عملو عملي طور موجود آهي تنهن ڪري ڍنڍ ۾ ماڻهن جو ٻڏڻ معمول بڻجي ويو آهي. اهڙي طرح 1- جون 2003 تي 27 ماڻهو جڏهن ته 4- نومبر 2014 تي 14 ماڻهو تيز هوائن سبب ٻيڙي اٿلڻ جي نتيجي ۾ پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا هئا. ان کان سواءِ هيستائين ٻيڙي اٿلڻ يا ڍنڍ ۾ وهنجڻ دؤران ڪيترائي ماڻهو ٻڏي فوت ٿيا آهن پر انتظاميا ان مسئلي جو اڄ ڏينهن تائين ڪوبه ڄوڳو تدارڪ نه ڪيو آهي. هتي قائم اسپتال ۾ آڪسيجن فراهم نه ٿيڻ ۽ واٽر سڪنگ مشين ناڪاره هجن ٿيون ان ڪري پاڻي ۾ ٻڏندڙ ماڻهو فوري طور امداد نه ملڻ ڪري حياتيون وڃائي ويهن ٿا. جڏهن ته سڪيورٽي جي حوالي سان ھتي وڏو ليپس آھي ان جو مثال 28 ڊسمبر 2013ع تي نوريءَ جي مزار وٽ پنج ماڻهن جا گوليون لڳل پراسرار لاش پڻ مليا ھئا جنهن ڪري علائقي ۾ خوف جو ماحول رھي ٿو .

هتي ڪينجهر رائزنگ پراجيڪٽ تحت ڍنڍ جي بندن جي سطح مٿي ڪرڻ لاءِ ٺاهيون ويون آهن انهن ڪمن ۾ ٿيل بيقاعدگي جا پڻ وڏا انڪشاف ٿيا آهن پر ان جو اڃا تائين ڪو خاص احتساب نه ٿيو آهي. جيڪڏھن ان ٿيل ڪرپشن جي جانچ ڪئي وئي ته وڏا ڦاٽ ڦاٽندا ۽ وڏا ڌڱ ٻڌبا. ضرورت هن ڳالھه جي آهي ته ھن ڍنڍ تي ايندڙ سياحن لاءِ زيادھ کان زيادھ تفريحي شيون مثلاََ چير لفٽ، ڪيبل ڪار، شٽل ٽرين، ٻارن جا جھولا ۽ ٻيو تفريحي رھائشي سٽي قائم ڪري ٻيون سڀيئي تفريحي شيون مھيا ڪيون وڃن ۽ هن تاريخي ڍنڍ جي ڪمن ۾ ٿيل بيقاعدگين جي جانچ ڪرائي وڃي ۽ ڍنڍ کي ماحولياتي گدلاڻ کان بچائڻ لاءِ تڪڙا اپاءَ وٺي ڍنڍ جي سونهن کي بحال ڪري سياحن لاءِ مناسب سهولتن جي انتظام کي اوليت جي بنياد تي حل ڪيو وڃي، ڪينجھر ڪنڌي تي ھڪ نئين شھر ڪينجھر سٽي جو بنياد رکيو وڃي. ان شھر کي ھر طرح جي سھولتن سان آراسته ڪيو وڃي جيئن سياح اچي ان ۾ رھن ۽ تفريح ڪن.