ٺٽو (ن پ ا) سنڌ جي اديبن ، لکيڪن ۽ ساڃاهه وندن ڪينجھر ۾ سنڌ جي حاڪم ڄام تماچي جي گھر واري نوري جي نالي سان منسوب ڪيل مزار کي فرضي ڄاڻائي، نوري ۽ ڄام تماچي جي مزار مڪلي ۾ سنڌ جي هاڪاري بادشاهه ڄام نظام الدين جي مقبري ڀرسان چوڪنڊي ۾ موجود قرار ڏئي ڇڏي آهي. سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري تاج جويو ، ساس جي مرڪزي ترجمان رمضان ميمڻ ، ليکڪ ۽ اديب خدا بخش بروهي ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو آهي ته ڪينجھر ڍنڍ ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي شاھ جي رسالي جي 7 سورمين ، سورمي نوري ڄام تماچي جي مزار ڪينجھر ڍنڍ ۾ ناهي هنن چيو ته نوري سنڌ جي بادشاھ ڄام جي نه رڳو گھر واري هئي پر سنڌ لوڪ جي مشهور داستان نوري ڄام تماچي ڳي عشقيه داستان طور پڻ سڃاتي وڃي ٿي هنن چيو ته نوري جي مزار ايشياءَ جي وڏي قبرستان مڪلي ۾ واقع سنڌ جي هاڪاري، عادل بادشاھ ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو جي مقبري ڀرسان قائم ڇٽي، چوڪنڊي ۾ آهي هنن چيو ته چوڪنڊي ۾ 3 قبرون موجود آهن جيڪي ڄام تماچي ، نوري ۽ ننڍي قبر انهن جي پٽ جي آهي هنن چيو ته مستند تاريخ لکندڙ مير علي شير قانع تحفت الڪرام جڏهن ته مڪلي نامي ۾ پير حسام الدين شاھ راشدي سميت ٻين ڪيترن محققن ۽ تاريخندانن پاران نوري جي مزار مڪلي ۾ ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو جي مزار ڀرسان ڄاڻائي وئي آهي هنن چيو ته ڪينجھر ۾ گندرن جي مرشد هوندل (هوندڙو شاھ) جي مزار آهي جڏهن ته ان هوندڙ شاھ جي قبر سان گڏ نوري جي فرضي قبر جوِڙائي وئي آهي جڏهن ته هنن پڻ سوال اٿاريندي چيو ته ڄام تماچي بادشاهه هيو ۽ ان جي نوري گھر واري هئي ته پوءِ ڄام تماچي پنهنجي گھر واري جي قبر کي پاڻ کان الڳ ڪيئن ٿو رکرائي سگھي هنن چيو ته جڏهن ڪينجھر ۾ پاڻي نه هيو تڏهن اها هوندل ( هوندڙو شاھ ) جي مزار سڪي تي هئي پر ايوب خان جي دور ۾ ڪينجھر ۾ پاڻي جي واڌ ڪرڻ بعد ڪينجھر جي پاڻي وڌڻ ڪري مذڪوره مزار پاڻي هيٺ اچي وئي آهي هنن چيو ته ڪينجھر ۾ نوري جي فرضي مزار جوڙي ڪينجهر تي ايندڙ سياحن کي گھمايو ويندو آهي جڏهن ته نوري جي مزار مڪلي جي قبرستان ۾ آهي هنن آثاره قديمه کان مطالبو ڪيو آهي ته زبون حالي جي ور چڙهيل مڪلي ۾ نوري ، ڄام تماچي ۽ انهن جي ٻارڙي جي مزار جي چوڪنڊي فوپري طور تي مرمت ڪرائي نوري ڄام تماچي جي مزار تي نالي وارو بورڊ لڳرائي تاريخي ورثي کي محفوظ بڻايو وڃي.